ڀارت پاران والاريل ڪشمير تي حملي جون ڪوڙيون خبرون

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان والاريل ڪشمير تي  حملن بابت ڀارتي ميڊيا جي بريڪنگ نيوز کي فيڪ نيوز قرار ڏئي ڇڏيو. سڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان جي ايف 16 جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ به ڪوڙي آهي. ڀارت ان کان اڳ امرتسر تي حملي جي ڪوڙي خبر پکيڙي، جنهن جو مقصد سک برادري کي پاڪستان خلاف ڪرڻ هو. هاڻي والاريل ڪشمير ۾ حملن جي ڪوڙي خبر جو مقصد ڪشميرين ۾ ڏار وجهڻ آهي. سڪيورٽي ذريعن مطابق، ڀارتي ميڊيا بارڊر سڪيورٽي فورس، ايئرپورٽ ۽ آرمي ڪيمپس تي حملن جون خبرون هلايون، جيڪي حقيقت تي ٻڌل ناهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.