هي ٻن ملڪن جو نه، عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي مداخلت ڪرڻي پوندي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف چڙ ڏياريندڙ قدم کنيا آهن، تنهنڪري عالمي قانونن تحت پاڪستان کي ڀارتي اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جو  مڪمل حق حاصل آهي.، تُرڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته هي رڳو ٻن ملڪن جو مسئلو ناهي، پر عالمي مسئلو آهي، ان ڪري عالمي برادري کي جوهري طاقتن وچ ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ مداخلت ڪرڻي پوندي، هن چيو ته ڀارت کي سندس قدمن تي پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته جيئن هو هوش کان ڪم وٺي، اسان چاهيون ٿا ته اڻڌري جاچ ذريعي اهڙو نظام جوڙجي، جيڪو مستقبل ۾ اهڙن دهشتگرد حملن کي روڪي سگهي، ٻئي پاسي عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت پاڪستاني شهرين جو قتلِ عام کي لڪائڻ لاءِ دهشتگرد ڪئمپن جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهيو آهي، هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردن جون تربيتي ڪئمپون آهن ته ڀارت پاڪستان جي عالمي جاچ وارو مطالبو ڇو رد ڪيو؟ ڀارت شهري آبادي، ٿاڪن ۽ ڊيمن کي نشانو بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.