ڀارتي پنجاب ۾ ڊرون حملا به مودي سرڪار جي فالس فليگ آپريشن جو حصو

اسلام آباد( نجم سيٺي) ڀارتي پنجاب ۾ ڊرون حملا فالس فليگ آپريشن جو حصو آهن. اھو پھريون ڀيرو ناھي جو ڀارت فالس فليگ آپريشن ڪيو. اھو ڪرائڻ جو مقصد ھيو تھ ڀارت ڪجھھ ڪندو، ڪنھن بھ ملڪ ھنن جو ساٿ نھ ڏنو. دھشتگردن جي ٺڪاڻن جي نالي تي جيڪا ھنن ڪارروائي ڪئي تھ اتي ٻار مارجي ويا  ۽ ڪي ثبوت نھ مليا. ھوڏانھن ڀارت جو عوام مطمئن نھ پيو ٿئي. انڊيا جا پنج جھاز تباھھ ٿيا آھن پر ھنن ماڻھن کي اوڏانھن وڃڻ کان روڪي ورتو آھي  اتي ايئرفورس  قبضو ڪري ورتو آھي. سو ڀارتي حڪومت ڪنڊائتي ٿي وئي آھي پرڏيھي مدد کين نھ پئي ملي.کين اھو بھ خوف آھي تھ اگر وڏو حملو ڪنداسين تھ چين نھ پاڪستان جي مدد لاءِ اچي وڃي، پاڪستان چوي ٿو تھ اسان  ڪارروائي ناھي ڪئي  صرف دفاع ڪيو آھي. ڪارروائي  تھ اڃان ٿيندي. اھي ڳالھيون تھ  اسان چاھيون ھا تھ ھيترا جھاز ڪيرائي سگھياسين سو اھڙيون ڳالھيون ھر وقت قابل اعتبار ناھن ھونديون ان تي  ھر ڀيري يقين نھ ڪرڻ گھرجي، ڪجھھ پروپيگنڊا بھ ھوندي آھي،بھتر اھوآھي تھ ان ڳالھھ کي اتي ڇڏي ڏجي. ڀارت جو خيال ھيو تھ ھي جڏھن ڊرون ايندا تھ  انھن تي حملو ٿيندو تھ خبر پوندي تھ انھن جا ميزائل ڪٿي ڪٿي بيٽريز لڳل آھن. سگنلز سان اھا خبر پئجي ويندي. جڏھن گھڻا ڊرون ايئرپورٽ جي حدن ۾ ايندا تھ   پوءِ ريڊار سسٽم  جام ٿي ويندوآھي. اھا خبر  وٺڻ لاءِ تھ  ايئر ڊفينس سسٽم  ڪٿي ڪٿي موجود آھي. اھي ڊرون حملا  ايئرڊفينس سسٽم جي جاچ لھڻ لاءِ ھئا. اھا اصل ۾ ايندڙ  رائونڊ جي تياري آھي.فرانس کي وڏو ڌڪ رسيو آھي، ھن جو رافيل جھاز ايف 16 ۽ ايف 18 کان  بهتر سمجھيو ويندوآھي. جيئن جھاز  جي ڪرڻ جي خبر آھي تھ ان جي ڪمپني  ڊاسو جا شيئرز ڪري پيا آھن. جيڪا چيني ڪمپني جي ٽين  جي سيونٽين  ٺاھيندي آھي ان جا  شيئرز ھڪدم مٿي ھليا ويا آھن. فرانسيسي وڏا پريشان آھن. انڊيا ڀلي لڪائي پنج تھ ٽي ٽي نھ تھ ٻھ پر ڪجھھ ضرور ٿيوآھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو09 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.