حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس صدر نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ھيٺ حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال کي مسلسل ھلائڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور تي انھن کي بند ڪيو وڃي. اجلاس ۾ روھڙي ۽ نارا ڪينال ۾ پاڻي ھجڻ باوجود پڇڙين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي. جنھن جو نقصان ننڍي آبادگارن کي ٿي رھيو آھي. پڇڙين ۾ زراعت توڙي پيئڻ ۽ جانورن پکين لاءِ پاڻي ناھي. اجلاس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور سنڌ جون زمينون واپس ڪيون وڃن،ڇاڪاڻ ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ لاءِ ھر وقت نقصانڪار ئي آھي. مقامي ماڻھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن اھو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته 20 تاريخ کانپوءِ سخت احتجاج ڪيو ويندو.اجلاس ۾ اھو پڻ چيو ويو ته اگر ڪينالن وارو معاملو يا منصوبو ٻيھر اٿاريو ويو ته سنڌ جا آبادگار ھڪ ڀيرو وري سخت مزاحمت لاءِ تيار آھن اجلاس ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ سماجي خدمتگارن وڪيلن تي ڪوڙا ڪيسن داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي. آخر ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ڪئمپ ھڻي آخر تائين ويٺل پير اشفاق جان سرھندي کي شيلڊ پيش ڪئي وئي ۽ ٻين آبادگارن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا