حيدرآباد(رپورٽر) آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي، ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ، مدد ۽ سهڪار ڪندڙ ماڻهن، سياسي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، استادن، عورتن ۽ ٻين خلاف انتقامي ڪارروايون ٿيڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن حڪومت انتقامي ڪاررواين وارو سلسلو بند ڪري بيگناهه ماڻهن خلاف داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ته وڪيل برادردي سخت ردعمل ڏيندي، سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي، ڪارپوريٽ فارمنگ ئي مسئلي جي جڙ آهي، ڪينال ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ ڪڍيا پئي ويا، ان ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ جو خاتمو اسان جي مک ايجنڊا آهي، سنڌ حڪومت 7 مئي تائين ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنل زمينن جا تفصيل ڪاغذن جي شڪل ۾ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پر ان تي عمل ناهي ڪيو، هاڻ وري 10 مئي تي ڪاغذ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، 13 مئي تي وڪيلن جي جوڙيل ڪميٽي جون حڪومت سان ڳالهيون رٿيل آهن، جيڪڏهن اسان کي ڪا به بدنيتي نظر آئي ته اسان وري اجلاس سڏائي وري حڪمت عملي جوڙينداسين. ڪالهه حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ميزباني هيٺ آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص جي هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشنز سميت بدين، مٺي، نوابشاهه، ٺٽو، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين ضلعن جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز جي عهديدارن، سنڌ بار ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي صدر ايڊووڪيٽ اشعر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسعور رسول بابر ميمڻ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ اياز تنيو، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اسرار چانگ، بدين ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ امير آزاد پنهور، ايڊووڪيٽ امداد انڙ، ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ سميت سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ۽ ٻين وڪيلن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورين بارزن جي اتفاق راءِ سان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ کي آل سنڌ لايرز ايڪشن ڪميٽي جو سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ ڪاظم مهيسر کي ڪميٽي جو ترجمان مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ سڄي سنڌ اندر ٻٻرلو ڌرڻي کانپوءِ شرڪت ڪندڙ، سڪار ۽ مدد ڪندڙ ماڻهن تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀارت پاران ٿيندڙ اڳرائي جي مذمت ڪئي وئي.. ان موقعي تي لايرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ چيو ته اسان ماڻهن جي مالڪي ڪري رهيا آهيون، جتي به اسان کي خبر پئي ٿي اسان جا وڪيل دوست انهن متاثر ماڻهن جا ڪيس کڻن پيا ۽ ضمانتون به ڪرائي رهيا آهن. هن چيو ته ضلعي ۽ تعلقي سطح تي وڪيلن جون ڪميٽيون به ٺاهي رهيا آهيون، جيڪي ڪيسن جي پيروي ڪنديون. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت سنجيده ناهي ۽ ماڻهن تي ڪيس ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن مان بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسان وٽ ڌرڻي کانسواءِ احتجاج جا ٻيا به ڪيترائي طريقا استعمال ڪرڻ جا آپشن موجود آهن، جيڪي اسان اختيار ڪنداسين، پر 13 مئي کانپوءِ جيڪا به صورتحال پيدا ٿيندي ان بابت گڏيل فيصلا ڪري اڳتي وڌنداسين. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اجلاس ۾ وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي، عامر نواز وڙائچ پڻ وڊيو لنڪ تي موجود هو. اشعر مجيد کوکر چيو ته سنڌ حڪومت اسان سان واعدو ڪيو هو ته ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شامل مقامي ماڻهن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، استادن، سياسي ڪارڪنن، آبادگارن، سماجي اڳواڻن ۽ ٻين خلاف ڪا به انتقامي ڪارروائي نه ڪئي ويندي، ان ئي شرط تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، پر بدقسمتي سان سنڌ حڪومت پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو، هر ضلعي ۾ ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪيون پيون وڃن، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کي چتاءُ ڏيون ٿا ته جيڪڏهن ڳالهين کان اڳ ۾ هن قسم جون حرڪتون ڪيون ويون ته سخت ردعمل ڏينداسين. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان اسان جوڙيل ڪميٽي جون سنڌ حڪومت سان 13 مئي تي ڳالهيون رٿيل آهن ۽ ان کان اڳ 10 مئي تي سنڌ حڪومت کي اهي سمورا ڪاغذ فراهم ڪرڻا آهن جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود هوندو ته هنن ڪٿي ۽ ڪيتري زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ ڏني آهي، ان ئي آڌار تي 13 مئي تي اسان جي ڪميٽي جي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ڪاظم مهيسر چيو ته ڪي دوست چون ٿا ته هي سياسي جماعتن جو ڪم آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته اسان به هن ڌرتي جا ڄاوا آهيون، ان ڪري پنهنجي ڌرتي جي لاءِ آّخري حد تائين وينداسين. ٻٻرلو ڌرڻو سڄي سنڌ جي ماڻهن جي مدد سان ڪامياب ويو ۽ اها ڪاميابي سڄي سنڌ جي آهي.