انسان جيئن جيئن ترقي جون منزلون طئي ڪندي، غارن مان نڪري شاندار بنگلن، پڪن گهرن ۽ اوچين اوچين عمارت ۾ رهڻ لاءِ جيڪا جفاڪشي، محنت ۽ ڪيئي تجربا ڪري انساني زندگي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ۽ آسانيون برپا ڪيون آهن ته ٻي پاسي وري هو پنهنجي بچاءَ لاءِ اهڙا خطرناڪ ڪيميائي ۽ جوهري هٿيار به ايجاد ڪندو رهيو آهي، جن کي استعمال ڪرڻ سان اک ڇنڀ ۾ نه رڳو هيرو شيما ۽ ناگاشاڪي جهڙا ڳتيل آبادي وارا ترقي يافته شهر به زمين بوس ٿي اتان جي زندگي جو نانءُ و نشان به مٽجي سگهي ٿو، پر ان سان سڄي دنيا ۾ انساني نسل ناپيد، حيوانيت، آبي حيات ۽ وڻن ٽڻن جو وجود به هميشه لاءِ مسارجي سگهي ٿو. دراصل انسان پنهنجي وجود کي محفوظ بڻائڻ جي بدران هميشه خطري ۾ وجهندو آيو آهي، انساني تاريخ ۾ قابيل جي قتل جو تسلسل ڪٿي به ٽٽل نظر نٿو اچي. ماضي بعيد ۾، ڪي طاقتور قبيلا، قومون ۽ ملڪ ٻين علائقن تي ڪاهه ڪري سندن سرن جو لابارو ڪري انساني کوپڙين جا مينار کڙا ڪيا ويندا ها ته جيئن هو پنهنجي سورهيائي ظاهر ڪري سگهن ۽ پاڙيسري ملڪن توڙي قومن ۽ قبيلن تي پنهنجي ڌاڪ ڄمائي سگهن.اها ته هئي دور جهالت جي ڳالهه پر موجوده وقت ۾ انسان جي ان عمل جي مختلف صورت اڄ به هن ترقي يافته دور ۾ موجود آهي ۽ جيتوڻيڪ هاڻ انساني کوپڙين جا مينار ٺاهي دنيا تي رعب ويهارڻ وارو عمل جو ڪٿي به ورجاءُ نٿو ٿئي پر هاڻ خطرناڪ ايٽمي ۽ جوهري هٿيار ايجاد ڪري انهن جي ٻل تي ٻين ملڪن کي اکيون ڏيکاري کين هيسائڻ ۽ جهڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ملڪن جو هٿيارن جي پٺيان ڊوڙ وارو اهو عمل نهايت ئي خطرناڪ ۽ خوفناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ان عمل سان دنيا غير محفوظ بڻجندي پئي وڃي.
ارتقا جو منزلون طئي ڪندي انسان اڄ جنهن مقام تي پهتو آهي، يقينن اها انسان جي، انساني تاريخ جي سڀ کان وڌي ڪاميابي آهي ۽ اها ڪاميابي ڪا معمولي ڪاميابي هرگز ناهي ۽ نه ئي اُها انسان کي معجزاتي طور يا پاڻمرادو حاصل ٿي آهي، پر ان مقصد جي تڪميل لاءِ انسانن جا ڪيئي نسل محنت ۽ تجربا ڪندي ختم ٿي ويا آهن ۽ تڏهن ئي انسان موجوده مقام تائين پهتو آهي ۽ هاڻ هو خلا ۾ ڳوٺ ٻڌڻ جي تيارين ۾ مصروف عمل آهي.پر بدقسمتي اها آهي ته انسان اڃان رتوڇاڻ، ويڙهه ۽ جنگن کان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائي ناهي سگهيو. تشدد سان صرف تباهي ئي آڻي سگهجي ٿي. تشدد پسند قوتون دراصل تباهي جون حامل هجن ٿيون، جيڪي ملڪي ۽ انساني ترقي جون بدخواه هجن ٿيون. اهڙا ماڻهو پنهنجي ذاتي، ڪاروباري توڙي سياسي مفاد ماڻڻ لاءِ هزارين زندگين ۽ امن و امان کي داءُ تي لڳائيندي دير ئي ناهن ڪندا. جيڪڏهن اسان دنيا تي نظر گهمائينداسين ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته اڄ جن به ملڪن جو شمار ترقي يافته ملڪن ۾ ٿئي ٿو، اهي ملڪ تشدد وارو پاسو ترڪ ڪرڻ کان پوءِ اها ترقي ڪئي، جيڪا پٺتي پيل ملڪن لاءِ شايد ايندڙ صدي ۾ به ممڪن نه هجي. ان ۾ جاپان قابل ذڪر آهي، جنهن تي آمريڪا ٻئي مها ڀاري لڙائي دوران 1945ع ۾ ايٽم بم ڪيرائي کيس ذري گهٽ تباهه ڪري ڇڏيو هو، پر جاپان ايٽمي طاقت هجڻ جي باوجود به هُن ردعمل ۾ آمريڪا تي ايٽم حملو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انهن سخت محنت ۽ ايماندار سان ڪم ڪري پاڻ کي ٻيهر مضبوط ڪري ڏيکاريو، جيڪڏهن جاپان به ردعمل به ساڳيو عمل ورجائي ها ته شايد اڄ موجوده جاپان، جاپان نه هجي ها.
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي گذريل مهيني يعني 22 اپريل تي ولاريل ڪشمير جي تفريحي ماڳ پهلگام جي مقام تي پيش آيل دهشت گردي جي واقعي کي جواز بڻائي سنڌ طاس معاهدي سميت پاڪستان سان سفارتي لاڳاپيل ختم ڪرڻ سان گڏ پاڪستان تي حملو ڪرڻ جو اشارو ڏنو ۽ پنهنجي فوج جي سربراهن سان ان سلسلي ۾ ملاقاتون پڻ ڪيون، جنهن کان پوءِ پاڪستان سان ملندڙ ڀارتي سرحدن تي ڀارتي فوجين جي چرپر ۽ هٿيارن جي منتقلي وڌڻ لڳي ۽ اهڙيون رپورٽون ڀارتي ميڊيا سميت عالمي خابرو ادارا به ڏيڻ لڳا. تان جو ڀارتي فوج رات جي وڳڙي ۾ پاڪستان جي ڇهه شهرن تي ميزائل حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ 8 شهرين جي شهادت ۽ ڪيترين ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو خبرون سامهون آيون آهن.
ڀارتي حڪومت پهلگام واقعي کان پوءِ فوري طور تي ان حملي جو الزام پاڪستان لڳائيندي پاڪستان جي شهرين کي ڀارت مان نڪري وڃڻ جو الٽيميٽم ڏنو ۽ سنڌ طاس معاهدو ختم ڪري پاڪستان جو پاڻي بند جو اعلان ڪيو. ڀارتي حڪومت اڄ ڏينهن تائين پهلگام حملي ۾ ملوث هجڻ يا دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جي ڪي به ثبوت پاڪستان کي مهيا ڪري ناهي سگهي ۽ محض الزامن جي بنياد جي پاڪستان جي مختلف شهرن تي حملو ڪري هن خطي جي سالميت کي خطرو ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
هونئن ته دهشتگردي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جو مسئلو آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان ان کان وڌيڪ متاثر رهيو آهي، جنهن جا نه رڳو سوين معصوم ٻارڙا، اسڪولي شاگرد، عورتون، شهري توڙي سيڪيورٽي فوسز جا اهلڪار توڙي آفيسر قتل ٿي رهيا آهن پر پاڪستان جا ٻه وزيراعظم لياقت علي خان ۽ بينظير ڀٽو پڻ دهشگردن هٿان اجل جو شڪار بڻجي چڪا آهن.دهشتگردي خلاف شروع ڪيل جنگ ۾ پڻ پاڪستان آمريڪا جو اهم اتحادي رهيو آهي. جنهن جي هو ڀاري قيمت دهشتگردي جي صورت ۾ اڃان تائين ادا ڪري رهيو آهي پر ڀارت جو انتهاپسند ۽ امن دشمن وزيراعظم نريندر مودي جنگي جنون ۾ ايترو اڳتي نڪري چڪو آهي جو کيس اهي شيون ڏسڻ ۾ ئي نٿيون اچن.
2002ع ۾ جڏهن نريندر مودي ڀارتي صوبي جو وزيراعليٰ هو ته اتي پڻ انساني رت جي هولي کيڏي وئي هئي ۽ هزارين مسلمانن کي هندو انتهاپسندن هٿان قتل ڪرائي عورتن جي عصمت دري ڪرائي وئي هئي.نريندر مودي ڀارت جو وزيراعظم بڻجڻ جي باوجود به پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ اڄ به ساڳيو مسلمان ۽ امن دشمن بڻيل آهي، جنهن جي وزيراعظم بڻجڻ سان نه رڳو هندستاني مسلمان آزار ۾ اچي ويا آهن، جن کان شخصي ۽ مذهبي آزادي کسي وئي آهي پر هو هن خطي جي امن جو به دشمن بڻجي ويو آهي. جيڪو جنگي جنونيت سبب دنيا جي حمايت حاصل نه ڪري سگهڻ جي باوجود به پنهنجي هوڏ ۽ هٺ ڌرمي تي اٽڪل آهي.ان سلسلي ۾ پاڪستان سرڪار جيڪو صبر، تحمل، بردباري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، ان جي عالمي سطح تي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان ۽ ڀارتي عوام جا ڪيترائي مسئلا هڪجهڙا آهن جهڙوڪ تعليم،روزگار، غربت ۽ دهشتگردي وغيره انهن مسئلن کي تڏهن ئي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو جڏهن ڀارتي انتها پسند وزيراعظم نريندڙ مودي جنگي جنون مان ٻاهر نڪري پاڪستان سرڪار جيان قائم امن لاءِ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪندو. ڇاڪاڻ ته ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي تشدد کان ڪناره ڪشي ۽ قيام امن سان سلهاڙيل هجي ٿي.