جي ڊي اي 18 مئي جو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ملڪ جي موجوده حالتن جي پس منظر ۾ 18 مئي تي باغ جناحڪراچي ۾ ٿيڻ وارو جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اهو فيصلو ڪراچي ۾ جي ڊي اي ۽ جميعت علماءِ اسلام جي اهم مشاورتي اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاهه راشدي، جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي امير مولانا عبدالقيم هاليجاوي، مولانا راشد محمود سومرو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، سيد زين شاهه، مظهر راهوجو، معظم عباسي، مظفر بروهي ۽ جي يو آءِ جا مولانا عبدالڪريم عابد، قاري عثمان، غلام سرور بليدي، رفيق احمد سومرو، حسين آصفي سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ پاڪستان تي رات جي اونداهي ۾ ڀارتي بزدلانه حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.ان موقعي تي سيد صدرالدين شاهه راشدي ۽ مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ جي سرحدن جي حفاظت لاءِ جي ڊي اي ۽ جميعت علماءِ اسلام جا ڪارڪن پاڪ فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ لاءِ تيار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.