نيئن دهلي(م ڊ)گذريل ڏينهن ڀارتي جي تڪراري ٽي وي ميزبان ارنَب گوسوامي جي شو دوران به پاڪ فوج جي طاقت جا چرچا ٻڌڻ۾ آيا، شو دوران، جڏهن ڀارتي صحافي پاڪستاني فوج جي زبردست ڪارروائي بابت ڳالهه ڪئي، تڏهن ميزبان ارنَب گوسوامي پنهنجي مهمان ۽ اڳوڻي ڀارتي ائير مارشل سنجيو ڪپور کان موجوده صورتحال تي راءِ طلب ڪئي، جنهن تي اڳوڻي ائير مارشل سنجيو ڪپور چيو ته پاڪستان بلڪل اسان ڏانهن ايندو، انهن جي فوج تمام سگهاري آهي، سنجيو ڪپور وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي طور تي ان هنگامي صورتحال جي تياري ڪري رکي آهي، ڇو ته پاڪستان وٽ هڪ پيشه ورانه ۽ بهترين هٿياربند فوج موجود آهي.