پاڪستان ۽ ايران پاران خطي ۾ امن لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور

اسلام آباد (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، صدر آصف علي زرداري ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪري، پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، علائقائي امن، واپاري لاڳاپن ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. صدر زرداري ڀارتي جارحاڻي روين کي خطي جي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. عباس عراقچي چيو ته ايران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ چاهي ٿو، ٻنهي ملڪن کي صبر سان ڪم وٺڻ گهرجي. اسحاق ڊار واضح ڪيو ته پهلگام واقعي سان پاڪستان جو ڪو واسطو ناهي، ڪنهن به جارحاڻي قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. عراقچي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتن کانپوءِ ڀارت جو دورو به ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.