سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاران سيد وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي واڌايون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون ڏنيون آهن.
پنهنجي پيغام ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته وقار مهدي جي ڪاميابي جمهوري عمل ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي تي عوامي اعتماد جو چٽو ثبوت آهي.
هن چيو ته وقار مهدي پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ عوامي سياست تي يقين رکندڙ اڳواڻ آهي جنهن هميشه عاجزي، اصولن ۽ ايمانداري سان سياست ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد اڳواڻن جي نظريي ۽ جمهوري قدرن جي علمبردار جماعت آهي.
سيد اويس قادر شاهه چيو ته شفاف سينيٽ چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي جو ثبوت آهي.
هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي سمورن ووٽرز ۽ اسيمبلي ميمبرن جو به شڪريو ادا ڪيو جن وقار مهدي جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.