اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀارت ڏانهن اسان جي فوج جو ڌيان ويو ته داخلي سڪيورٽيڇا هوندي؟ ان تي پارليامينٽ کي ٻڌائڻ گهرجي ها پر پارليامينٽ جي اجلاس مان سموري ڪابينا جو گم هجڻ افسوسناڪ آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ اجلاس گهرايو ويو ته اميد هئي ته ڪو ٺهراءُ ايندو پر وزيراعظم کان ويندي پرڏيهي وزير يا بچاءَ وارو وزير ايوان ۾ موجود نه هئا، اسان بانسري ڪنهن جي سامهون وڄايون؟ حالتن کان آگاهه ڪرڻ وارو ڪير نه هو، اهم معاملن تي غير سنجيدگي ڏيکاري ڇڏي. اسان فيصلو ڪيو ته ائين ايوان جي ڪارروائي جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، هڪ اثرائتي سياسي قيادت بدقسمتي سان ملڪ ۾ ناهي. هن چيو ته تڪراري شيون سامهون اچي رهيون آهن جيئن ڪئنالن جو معاملو ۽ معدنيات جو بل، توهين مذهب جي حوالي سان نئين ڪميشن ٺاهڻ نئون هنگامو اٿارڻ جهڙي ڳالهه آهي، هن وقت تڪراري شين کي بحث هيٺ نه آڻڻ گهرجي، اپوزيشن کان ڊچڻ يا وڙهڻ جو وقت ناهي. هن چيو ته رڳو فوجي سوچ ڪافي ناهي، مضبوط سياسي سوچ هجن گهرجي، جنگ جي ڀرپور تياري رکڻ گهرجي. هڪ پاسي ڀارتي جارحيت ٻئي پاسي خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ جنگ هلي رهي آهي، ان حوالي سان اسٽريٽجي ٺاهڻ گهرجي، پي ٽي آءِ طرفان گهرايل ڪانفرنس جو اطلاع يا دعوت ناهي آئي. هن چيو ته نريندر مودي فرقي پرست آهي، هندستاني قوم کي به سوچڻ گهرجي ته هڪ فرقي پرست شخص قوم کي وڙهائي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيت مضبوط آهي، وطن لاءِ سموري قوم گڏ بيٺي آهي. ان کان اڳ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت جي غير سنجيدگي تي قومي اسيمبلي مان پنهنجن ساٿين سميت واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. مولانا جو چوڻ هو ته ايوان ۾ حڪومت جي عدم دلچسپي سبب ڳالهائڻ جو ڪو فائدو ناهي. ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر طارق فضل کي مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين کي پرچائڻ جي ذميواري ڏني.