اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو ته اطلاع آهن ته ڀارت ڪنٽرول لائين ويجهو ڪنهن به هنڌ حملو ڪريسگهي ٿو، پر پاڪستان طرفان کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي مطالبو ڪري چڪو آهي ته پهلگام واقعي جي جاچ لاءِ عالمي ڪميشن ٺاهي وڃي. خواجا آصف چيو ته هاڻي اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته مودي سچ پيو ڳالهائي يا ڪوڙ، پوءِ سڄي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته مودي ڪوڙ پيو ڳالهائي ۽ ننڍي کنڊ کي ايٽمي جنگ جي ڪناري تي آڻي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مودي رڳو پنهنجا ووٽ وٺڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون پيو ڪري. ڀارت بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، جن جا ثبوت پاڪستان 2016 ۽ 2017 ۾ گڏيل قومن ۾ پيش ڪري چڪو آهي، جن ۾ ويڊيوز به شامل آهن. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پاڪستان تي جيڪي حملا ٿين پيا، اهي افغانستان جي زمين تان ٿين پيا آهن، جڏهن ته انهن جي پويان ڀارت آهي.