اسلام آباد (م ڊ) محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، سڀني سياسي ڌرين کي گڏجي قومي حڪومت جوڙي، پاڪستان کي بچائڻو پوندو، هي وقت ملڪ کي گڏ رکڻ جو آهي. تحريڪِ تحفظِ آئينپاڪستان جي قومي ايجنڊا واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان ٽن سالن کان دانهون ڪري رهيا آهيون ته خطو جنگ جو ميدان بڻجڻ وارو آهي، حملو ٿيندو ته نه چاهيندي به وڙهڻو پوندو، پر سوال هي آهي ته اسين جنگ جهڙي بدبخت صورتحال کان ڇو ۽ ڪيئن بچي سگهون ٿا؟ هن چيو ته ڇا ملڪ سان وفاداريءَ جو مطلب ان کي لٽڻ آهي؟ جيڪو ضمير وڪڻي ملڪ کي نقصان پهچائي، اهو وفادار نه ٿو ٿي سگهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي پنهنجن ئي ٻارن کي ڪرپٽ بڻائي، پوءِ گرفتار ڪري، آخرڪار وزير اعلى بڻايو ويندو آهي. آئين اسان کي جوڙي رکي ٿو، پر اوهين ان کي ٽوڙي ڇڏيو ٿا. اسان ڪنهن جي اڳيان نه جهڪنداسين ۽ پاڪستان کي هيءَ دلدل مان ڪڍڻو پوندو.