اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبليءَ ڀارتي آبي جارحيت، پهلگام فالس فليس آپريشن ۽ پاڪستان مٿان بي بنياد الزامن خلاف سخت لفظن ۾ مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ ۾ خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪيو ته اهو سڌو سنئون جنگ جو عمل تصور ڪيو ويندو، پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو سودو نه ڪندو، ڀارت ڪا اڳرائي ڪئي ته 2019 جهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، معصوم شهرين جو قتل اسان جي اصولن جي ابتڙ آهي، ۽ پهلگام حملي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوششون رد ڪجن ٿيون. ٺهراءَ موجب، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي. معاهدي جي معطلي کلي طرح جارحيت آهي، جنهن جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ لاءِ مڪمل تيار ۽ قابل آهي. قومي اسيمبليءَ واضع ڪيو ته پاڪستان امن پسند آهي، پر ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو حملو برداشت نه ڪيو ويندو. ڀارت پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهي. پاڪستان، والاريل ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو. اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ خطرناڪ عمل آهي، جيڪڏهن جنگ لڳي ته اپوزيشن به جان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ماضي ۾ الزام لڳايو ويو ته ايوب خان درياهه وڪڻي ڇڏيا، پر جيڪڏهن ائين هو ته اڄ ڀارت پاڻي بند ڪيئن ڪري رهيو آهي؟ مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان امن چاهيون ٿا، اڳوڻو ۽ هاڻوڪو پاڪستان مختلف آهي، قوم هڪ زبان ٿي فوج سان گڏ بيٺي آهي. اجلاس دوران 5 کان 8 مئي تائين اسيمبليءَ جو معمول جي ايجنڊا معطل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس کان اڳ اسپيڪر چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون. پهلگام واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو. ان کان اڳ هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته اجلاس 16 مئي تائين جاري رهندو، جنهن ۾ ڀارت جي يڪطرفي قدم خلاف وڌيڪ ٺهراءَ به آندا ويندا.