بلاول جي اڳواڻي ۾ پ پ وفد جي وزيراعظم سان ملاقات، واعدن تي عمل نه ٿيڻ جا خدشا

اسلام آباد (بيورو /م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف سان بلاول جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي خدشن بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته انهن خدشن جي حل لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي اڳڀرائي بابت به بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ڀارت جي آبي جارحيت بابت کڻيل قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب، ملاقات دوران ايندڙ وفاقي بجيٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پيپلز پارٽي طرفان بجيٽ لاءِ تجويزن تي به غور ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ سيد نويد قمر شامل هئا. جڏهن ته حڪومتي ٽيم ۾ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، بچاءُ وارو وزير خواجا آصف، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. اسان دنيا کي ڀارت جو اصل ۽ بدنما چهرو ڏيکاري، ان جي خطرناڪ ارادن کان آگاهه ڪنداسين۔ هن چيو ته ڀارت جي طرفان ثبوت کانسواءِ پاڪستان کي واقعي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش کي واضح طور رد ڪريون ٿا.هن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني طور معطل ڪرڻ ۽ ان کي آبي جارحيت طور استعمال ڪرڻ ناقابل قبول عمل آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي پاڪستاني عوام لاءِ هڪ ڳاڙهي لڪير (ريڊ لائين) جي حيثيت رکي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.