نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جو ادارو ڪنهن به اهڙي ڪاوش ۽ مدد لاءِ تيار آهي جنهن سان ڇڪتاڻ ختم ٿي سگهي، ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ بلند ترين سطح تي آهي اهڙي فوجي محاذ آرائي کان بچڻ گهرجي جنهن جي قابو کان ٻاهر ٿيڻ جو خطرو هجي،هنن حالتن ۾ اهڙي مهم جوئي کان بچڻ گهرجي جنهن سان جنگ جو خطرو بڻجي،هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به مسئلي جو فوجي حل ناهي، ٻنهي ملڪن ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪريان ٿوهن چيو ته پهلگام حملي جي مذمت ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪريان ٿو،شهرين کي نشانو بڻائڻ قابل قبول ناهي،حملي آورن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ گهرجي هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڏکڻ ايشيا جي تازي اڳڀرائي ۾ هن جي دلچسپي ۽ رابطن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ ڪنهن به ٽڪراءُ کان بچڻ جي ضرورت جي آجيان ڪئي،هڪ آزاد شفاف،غيرجانبدار ۽ معتبر جاچ جي پنهنجي آڇ کي ورجائيندي وزيراعظم پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڀارت اڃا تائين ڪو به ثبوت فراهم ناهي ڪيو ۽ پوءِ به اهو چڙڏياريندڙ بيان بازي ۽ جنگ کي هوا ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو اچي، وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جو عزم به ورجايو،وزيراعظم پاڪستان جي معاشي مفادن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۽ عالمي مالياتي ادارن کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڀارتي ڪوششن تي پنهنجي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو،سيڪريٽري جنرل وزيراعظم کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هن جي ڪوششن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ ان معاملي تي سمورين ڌرين سان رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو