سنڌ ۾ بااثر پاڻي چورن خلاف پڪڙ شروع ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (قربان بلوچ) وفاق جي طاقتور اداري طرفان سنڌ جي آبپاشي چيف انجنيئرن کي هڪ پروفارما موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ هدايت ڏني وئي آهي ته پنهنجي علائقن ۾ پاڻي چور وڏيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز سميت بااثر ماڻهن جي نشاندهي ڪري، تفصيل سان رپورٽ موڪلي وڃي. ڪجهه چيف انجنيئرن زباني هدايتن جي تصديق ڪئي، جڏهن ته ٻين پروفارما بابت ڄاڻ ڏني. وفاقي ادارن مطابق سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو وڏو سبب پاڻي جي چوري آهي، جنهن مان گهڻو پاڻي بااثر ماڻهن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته غريب هاري ڏکيائين کي منهن ڏين ٿا. چولستان ڪئنال خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ مختلف طبقا بنا فرق جي شامل ٿيا، ڇو ته هو سمجهي رهيا هئا ته هو پاڻي جي وڌيڪ کوٽ نه برداشت ڪندا. وفاقي ادارن جو موقف آهي ته صوبن کي انهن جي حصي جو پاڻي ملي ٿو، پر صوبي اندر ان جي ورڇ ۽ استعمال ۾ بدانتظامي آهي. چشما کان گڊو تائين پاڻي جي مبينا گهٽ پهچ تي وفاق انڪاري آهي، ۽ چيو ويو آهي ته لاسز جي شرح طئي ڪري صوبي جي حصي ۾ شامل ڪئيوڃي ٿي. سنڌ ۾ ڪجهه بااثر ماڻهن کي سڌي ريت ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽس ڏئي واڌو پاڻي کڻڻ ڏنو وڃي ٿو جيڪو اصل ۾ غريب آبادگارن جو حق آهي. پاڻي مسئلي تي تحريڪ جا اثر وفاق تائين پهچي ويا آهن. سي سي آءِ جي فيصلي جي ڪجهه ڏينهن اندر وفاق پاران قدم کنيا ويا آهن، جيئن ئي رپورٽون واپس ملنديون، امڪان آهي ته سنڌ جي وڏن پاڻي چورن خلاف ڪارروائي شروع ٿيندي، ۽ ايمانداري سان اپاءَ ورتا ويا ته پاڻي جو بحران وڏي حد تائين ختم ٿي سگهي ٿو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 06 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.