لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان مزدورن جي عالمي ڏينهن تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سرمائيدار ۽جاگيردار طبقو مزدورن جو استحصال ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهن ٿا. جيڪي پارٽيون مزدورن جي ووٽن سان اقتدار ۾ اينديون آهن، اهي اسيمبلين ۾ اچڻ تي انهن کي وساري ڇڏينديون آهن ھن چيو ته مزدورن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي مذهبي، انساني ۽ آئيني ذميواري آهي. حڪمران طبقن کي مزدورن جي ڀلائي جو خيال رکڻ گهرجي.جماعت اسلامي مزدورن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندي رهي آهي، ۽ اسان مظلوم طبقن جي حقن کي پنهنجي پارٽي جي منشور جو حصو بڻايو آهي.هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون بيان بازي ڪرڻ بدران مزدورن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻن.