ڪوئيٽا (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ سياسي ڏڦيڙ ختم ٿيڻ تائين اڳتي نه وڌندو. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته بلوچستان 10 کان 15 سالن کان سانحن جو شڪار آهي، سوچڻ جي ضرورت آهي ته بلوچستان ۾ اهي مسئلا ڇو موجود آهن. هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته پاڪستان امير رهي ۽ بلوچستان غريب رهي، بلوچستان کي پاڪستان جو امير ترين صوبو هجڻ گهرجي. شاهد خاقان عباسي چيو ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ضروري آهي پر اسان کي ان جي پاڙ تائين وڃڻو پوندو ته اهي مسئلا ڇو پيدا ٿي رهيا آهن. اهو ممڪن ناهي ته بلوچستان ۾ ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ۽ قتل ڪيو وڃي جڏهن ته ملڪ جا معاملا ٺيڪ هلي رهيا هجن. بلوچستان جا مسئلا رڳو عوام کي حقيقي نمائندگي ۽ وسيلا فراهم ڪرڻ سان حل ٿيندا.