عثمان شاھ ھڙي(ن ع آ) پيارولنڊ ۾ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پي پي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي منظوري ڏيئي سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو، سنڌ جي عوام ڪالا باغ ڊيم منصوبي جيان رٿا کي رد ڪري ڇڏيو آھي، عوام جي فيصلي پ پ حڪومت جون اکيون کولي ڇڏيون آھن، سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي، پ پ حڪومت ھميشه عوام دشمن فيصلا مڙھيا آھن، سنڌ جي وسيلن تي جنھن ۾ ٿر جو ڪوئلو، پيٽرول، گئس قيمتي پٿر ۽ گلابي لوڻ جھڙي خزانن سان مالامال سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌين کي ان مان ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿي سگھيو آھي، راشد محمود سومرو عثمان شاھه ھڙي ويجهو ڳوٺ عبدالجبار ٿيٻو پهچي جي يو آءِ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري عبدالشڪورٿيٻو جي والده جي وفات تي تعزيت ڪئي.