ملڪ ۾ ليبر قانون بابت تمام گھٽ آگاھي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۾ مزدورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم "سينيٽر فار ليبر ريسرچ” جي سربراهه ۽ ليبر قانونن۽ حقن جي ماهر افتخار احمد بي بي سي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پورھيت لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 37  هزار رپيا مقرر ڪيل آھي،ليبر قانون تي عمل نٿو ٿئي،. ان جو هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ ليبر قانونن بابت گهٽ ڄاڻ آهي. ميڊيا عام طور تي گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي گهٽ سطح جو ذڪر ڪري ٿي، ۽ ادارا ان کي ئي معيار سمجهن ٿا.شڪايتن لاءِ هر صوبي ۾ ليبر انسپيڪٽر مقرر آهي، جيڪو ليبر قانونن تي عمل ڪرائڻ ۽ شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جو ذميوار آهي. پر ملڪ ۾ ان بابت آگاهي جي کوٽ آهي ۽ شڪايتون درج ڪرائڻ جو طريقيڪار پيچيده آهي.افتخار احمد چيو ته جيڪڏهن ڪنهن مزدور کي شڪايت ڪرڻي آهي ته ان کي ضروري دستاويزن سان آفيس وڃڻو پوندو. اهڙي حالت ۾ يا ته هو ڪم ڪري يا شڪايت داخل ڪرائي. حڪومت کي گهرجي ته هڪ هيلپ لائن مهيا ڪري، جتان مزدور آساني سان شڪايت داخل ڪرائي سگهن.پنجاب حڪومت هڪ هيلپ لائن متعارف ڪرائي آهي، پورھيتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عاصم سجاد اختر چيو تھ ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ملڪ ۾ عام مزدور جو استحصال ٿي رھيو آھي،ان جو ھڪ وڏو سبب اھو آھي تھ مزدور برادري غيرمنظم آھي،ملڪ ۾ رڳو ٻھ سيڪڙو ھنر مند ماڻھو ڪنھن تنظيم،يونين يا فورم سان ڳنڍيل آھن،ان ڪري حڪومت ۽ ادارا انھن جي حقن بابت وڌيڪ دٻاءُ کي منھن نٿا ڏين،ھن چيو تھ حڪومت نيشنل انڊسٽريل ريلي ڪميشن(اين آءِ آر سي) بھ بڻايو آھي جتي پورھيت پاڻ کي يونين ۾ رجسٽرڊ ڪرائي حق ۽ تحفظ حاصل ڪري سگھن ٿا پر ان باري ۾ آگاھي ناھي ۽ ادارا پنھنجي مفادن جي ڪري ٻڌائين بھ نٿا،ان کان علاوھ ليبر کاتو بھ پنھنجو ڪم درست نھ پيو ڪري

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.