پھلگام فالس فليگ آپريشن ۾ ڀارتي ايجنسي ”را“ ملوث، اهم دستاويز ليڪ ٿي ويا

اسلام آباد(م ڊ) پھلگام حملي بابت ھڪ اهم انڪشاف سامھون آيو آھي، جنھن موجب ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ فالس فليگ آپريشن جي منصوبي ۾ ملوث آھي، ھي انڪشاف ھڪ اهم دستاويز جي ليڪ ٿيڻ کانپوءِ منظرِ عام تي آيو، دستاويز سماجي رابطن واري پليٽ فارم ٽيليگرام تي وائرل ٿي ويا آهن، دستاويز مان ظاهر ٿئي ٿو ته حملي کان پوءِ پاڪستان خلاف بيانيي کي 36 ڪلاڪن کان پوءِ ميڊيا ذريعي عام ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي هئي، پر وقت کان اڳ ان تي عملدرآمد ٿيڻ ڪري سڄي سازش بي نقاب ٿي وئي، ليڪ ٿيل دستاويز موجب ڀارتي خفيه ايجنسي "را” طرفان تيار ڪيل فالس فليگ آپريشن جي رٿا تحت پاڪستان جي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) تي الزام حملي کان ڇٽيهه ڪلاڪ پوءِ مڙهڻ جو حڪم ڏنل هو، پر ميڊيا پاران فوري طور الزام لڳائڻ سبب سڄو منصوبو ناڪام ٿي ويو، دستاويز ۾ موجود تضادن مان اهو ظاهر ٿي ويو ته خود "را” کي به ڪنهن مٿاهين اداري يا قوت جي طرفان هدايتون ڏنيون وڃن ٿيون، جن تي عمل ڪندي اها اهڙين ڪارروائين ۾ ملوث رهي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي حساس دستاويز جو سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي عام ٿيڻ "را” جي اندر موجود هندوتوا پاليسي جي مخالف سوچ جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو. ان امڪاني اندروني مخالفت ڪري ئي شايد دستاويز منظرِ عام تي آيا آهن، جيڪي هاڻي سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويا آهن، تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته هن واقعي سان ڀارت جي داخلي سياست، خفيه ادارن جي عملداري ۽ خطي ۾ امن جي صورتحال تي سنجيده سوال اڀري آيا آهن، جن جا جواب ڏيڻ هاڻ ڀارت لاءِ لازمي بڻجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.