نئين دھلي(م ڊ)ڀارتي ڳجھي ايجنسي”را“ جي اڳوڻي سربراهه امرجيت سنگھ دولت پھلگام حملي کي ڀارتي سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آھي تھ ان واقعي کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ باقاعده جنگ جو ڪو به امڪان ناھي،پر اميد آھي تهمعاملا ڳالھين ذريعي حل ٿي ويندا،بي بي سي کي انٽرويو ۾ ھن چيو ته جيڪڏھن ڀارت ڪا سرجيڪل اسٽرائيڪ يا بالاڪوٽ جھڙا قدم کڻڻ چاھي ٿو ته ضرور ڪري،محدود فوجي ڪارروائي قابل قبول ٿي سگھي ٿي،ھن چيو تھ جنگ جي ڳالهه ڪرڻ اصل ۾ جوھري ھٿيارن جي جنگ جي ڳالهه آھي ۽ اھي سڀ ڊيڄارڻ جا حربا آھن، ھن چيو ته ھر پاسي کان اھي آواز اچي رھيا آھن ته ھاڻي جنگ ٿيڻ واري آھي،پر منھنجي ويجھو جنگ آخري ۽ بدترين حل آھي،