حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ ڇاڇرو واسي نينگر جو واھه مان پرسرار نموني لاش هٿ آيو آهي، فوتي نينگر جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪرڻ تي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو،پڃاري ٿاڻي جي حد اڪرم واھه مان نينگر جو لاش ھٿ آيو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو. جتي ھن جي سڃاڻپ ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ واھڙي دھرا جي رھواسي 16 ورهين جي محمد موسيٰ پٽ لال محمد نھڙيو طور ٿي، جنھن بعد سندس وارثن ھن جي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو، ان تي بلديا پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پئي ويو ته نينگر ڏيپلائي ميمڻ ڪالوني ۾ رھندڙ هڪ شخص ڪاشف ڏاهري جي بنگلي ۾ ڪم ڪندو ھو، ٻه ڏينھن اڳ ھو گم ٿي ويو ھو، جنھن جي گمشدگي جي رپورٽ بلديا ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي ھئي، پوليس موجب نينگر جي وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو آھي. جنھن تي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو هو، ان جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ فوتي جي وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪري جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.