ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ايس ٽي پي پاران مظاهرا ۽ ڌرڻا، شڪاگو جي شھيدن کي ڀيٽا

حيدرآباد/ شھدادڪوٽ (نمائندا) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انيشيٽو پروگرام جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پارٽي جي ڊويزنل صدر مير گنبل شاھ، جان محمد جوڻيجو، عرفان بروھي، عمران شيخ، سميع الله سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آھي، اسين سمجهون ٿا ته اهڙي عمل سان سنڌ جي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين کسي پئي وڃي، اسان اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. فوري طور ڪينال منصوبو مڪمل طور تي ختم ڪري سنڌ جون زمينون ڪمپنين کان واپس ورتيون وڃن. ھنن چيو ته سنڌ جي سرزمين تي سامراجي قوتن جو قبضو ڪڏهن به قبول نه  ڪنداسين، مظاھري  ۾ شڪاگو جي شھيدن کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ٻي پاسي شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ ترقي پسند ھائوس کان احتجاجي مظاھرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جھنڊا پڻ ھئا جيڪي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف پڻ نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، رشيد مگسي، امداد سومرو، زاھد مگسي، استاد ذوالفقار مگسي، محمد علي منڱريو، فاروق چاوڙو، غلام علي مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي پنھنجي اقتدار کي وڌيڪ ڊيگھه ڏيارڻ لاءِ سنڌ جو سودو ڪرڻ سميت ھر اھو عمل ڪرڻ چاھي ٿي جيڪو سنڌ جي قومي مفادن جي خلاف آهي، ھنن چيو ته سنڌ جون زمينون ڪمپنين حوالي ڪري سنڌ کي فلسطين بنائڻ چاھن ٿا جيڪو اسين ڪنھن به صورت ۾ ٿيڻ ڪونه ڪنداسين، ھنن چيو ته عوامي مزاحمت ذريعي حڪمرانن کي مجبور ڪنداسين ته ھو سنڌ جي والار ڪري سنڌين کي دائمي غلام بنائڻ وارو فيصلو واپس وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.