بيراجن، ڊيمن ۽ ڪينالن جي ڪري طاقتور درياهه سڪي ويران ٿي ويو آهي: جامي چانڊيو/امر سنڌو

حيدرآباد(رپورٽر) مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين پاران پبلڪ سروس انٽرنيشنل (پي ايس آءِ) ۽ ورڪرز ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آر او) جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ واڪ ڪري سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن، ليڊي هيلٿ سپروائيزرن، ڊرائيورن، ٽريڊ يونين جي نمائندن ۽ استادن سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ليکڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ مقررن ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪم دوران ناقص حالتن ۽ سهولتن جي کوٽ جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو، نامياري ليکڪه ۽ عورت اڳواڻ امر سنڌو، ايڇ آر سي پي جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر، آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي صدر حليمه لغاري، جنرل سيڪريٽري شمع گلاڻي، ڊبليو اي آر او جي جنرل سيڪريٽري مير ذوالفقار، مير اعجاز ۽ ٻين ڳالهائيندي صحت جي شعبي کي خانگائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته ان سان صحت جي شعبي جي ورڪرن جي حقن، ملازمت جي حفاظت ۽ ضروري خدمتن تائين عوام جي رسائي کي خطرو آهي. حڪومت کي آءِ ايم ايف جي دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ مزدورن ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نجڪاري کي روڪيو وڃي. هنن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي چيو ته بيراجن، ڊيمن ۽ ڪينالن جي ڪري طاقتور درياهه سڪي ويران ٿي ويو آهي. زمينن جا اصل مالڪ هاري آهن، اسان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ زمينون ڏيڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين. هنن چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ زمينون بي زمين مقامي هارين خاص طور تي عورتن کي ڏنيون وڃن. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي لاءِ سروس اسٽريڪچر فوري ٺاهيو وڃي، ليڊي هيلٿ ورڪرن، ليڊي هيلٿ سپروائيزرن، ڊرائيورن ۽ اڪائونٽ سپروائيزرن جون خالي پيل جايون ڀريون وڃن، ليڊي هيلٿ سپروائيزرن کي سپروائيزري الائونس ڏئي ڊرائيورن کي سفري الائونس ڏنو وڃي، پوليو ورڪرن جي لاءِ سڄي سنڌ ۾ مناسب پگهار مقرر ڪري پوليو مهم دوران سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، شرپسندن جي حملن ۾ زخمي يا شهيد ٿيندڙ ورڪرن جي پوئنرن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. ڪم واري جاءِ تي جنسي طور تي ورڪرن کي حراسان ڪرڻ وارن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدم کينا وڃن. حڪومت آءِ ايل او جي ڪنوينشن سي 190 تي عمل ڪري ورڪرن کي سوشل سڪيورٽي، گريجوئٽي، حمل دوران موڪل، صحت جي سار سنڀال ۽ پينشن فراهم ڪري. هيلٿ ڪيئر ۽ ٻين صحت جي يوٽيلٽي سروسز جي نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ کي روڪي هيلٿ ڪيئر سيڪٽر جي فنڊنگ ۾ اضافو ڪيو وڃي. ورڪرن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 50 هزار روپيا مقرر ڪئي وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪيو وڃي. ڪانفرنس کان لينگيئج اٿارٽي آفيس سامهون واڪ پڻ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.