اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان کي ڪو به خطرو يا ڊپ ناهي، پڪ آهي ته ڀارت ڪا غلطي نه ڪندو، موجوده صورتحال خطرناڪ يا پريشان ڪندڙ ناهي، پاڪستاني فوج بهترين ۽ پيشيور آهي، اسان هڪ ايٽمي طاقت آهيون، اسان کي گهٻرائڻ نه گهرجي، جيڪڏهن حملو ٿيو ته ڀارت کي پاڪستان کان وڌيڪ نقصان ٿيندو. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته جيڪڏهن ڀارت ڪا به بيوقوفي ڪئي ته آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) سڏائي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته اڄ پاڻي ۽ بجلي جو بحران نه هجي ها. اسان ڪينال منصوبي ۾ قومي اتحاد کي اهميت ڏني. عمران خان جي حوالي سان رانا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان آزاد ٿيڻ يا صلاح مشوري ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. اسان اڳ ۾ ئي پي ٽي آءِ جي باني کي گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏئي چڪا آهيون. اسان پي ڊي ايم جي دور ۾ به دعوت ڏني هئي، پر پي ٽي آءِ جمهوري طريقو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.