ڀارت سان جنگ نه ٿا چاهيون پر سنڌو تي حملو ڪندڙ سان وڙهنداسين: بلاول

ميرپورخاص (رپورٽ:صالح اوٺو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو مشن سنڌو درياهه کي بچائڻ هو ۽ اسان گڏجي سنڌو کي بچائي ورتو آهي. ميرپور خاص ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽوزرداري چيو ته پ پ عوام سان گڏجي جمهوريت کي بحال ڪيو ۽ ٻن آمرن کي ڪيرايو، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو آئين ٺاهي مزدورن کي سندن حق ڏنا، اڄ جڏهن اسان مزدورن جو ڏينهن ملهايون پيا ته قائد عوام کي به سلام پيش ڪريون ٿا، اسان مزدورن، شاگردن، نوجوانن، عورتن، اقليتن سميت هر ڪنهن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته ته نگران دور ۾ ٻه فيصلا ڪيا ويا هئا،ايڪنڪ نوان ڪينال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ارسا جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي موجود آهي، ڪئنال ٺاهي سگهن ٿا پر چونڊن کان پوءِ پ پ هر فورم تي اوهان جو ڪيس وڙهيو ته سنڌو کي بچائڻو آهي ۽ وفاقي منصوبو روڪڻو آهي. سندس چوڻ هو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ جتي اهو فيصلو ٿيڻو هو، اتي رڳو پ پ جا ٻه نمائندا هئا پر صدر آصف زرداري فيصلو ڪيو ته ڪينال نه ٺهندا، سياسي يتيم صدر زرداري خلاف آواز اٿارڻ لڳا، ڇو ته انهن ۾ اها همت نه هئي ته ڪينال ٺاهڻ وارن خلاف ڳالهائين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ واضح ڪيو ته ڪئنال منصوبي سبب وفاق کي خطرو آهي ۽ مان ان جي مخالفت ڪيان ٿو، جنهن کانپوءِ جيالن به پنهنجو احتجاج تيز ڪيو. هن چيو ته سنڌ بچائڻ واري تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ تي سول سوسائٽي ۽ وڪيلن جا ٿورائتا آهيون، اسان جو مشن هو ته سنڌو کي بچائجي ۽ اسان گڏجي سنڌو کي بچائي ورتو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته گجرات جي ڪاسائي مودي سنڌو تي حملو ڪيو آهي ۽ چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي نه ٿا مڃون. هن چيو ته اسان جنگ نٿا چاهيون پر جيڪو سنڌو تي حملو ڪندو ان سان وڙهنداسين.

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خدا نه ڪري جو ڪڏهن ڪو ايٽمي ٽڪراءُ ٿئي پر پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقت رکن ٿا ۽ جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي آهي ته اهو خطرو سدائين موجود رهندو آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، اسان جي فوج وٽ مڪمل صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگون ٿي چڪيون آهن، اسان جي اميد آهي ته هاڻي اهڙو ڪجهه نه ٿئي ۽ هوش کان ڪم ورتو وڃي، عالمي برادري ٻنهي ملڪن سان رابطي ۾ رهي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اثرائتي مداخلت ڪري. سندس چوڻ هو ته پهلگام واقعي جي هڪ شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي، اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جتي ڀارت ۽ پاڪستان گڏجي ڪم ڪري سگهن، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته معاملو ڪا محدود جهڙپ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، جيڪا فضائيا يا ڪنهن ٻئي فوجي شعبي ۾ ٿي سگهي ٿي ۽ اها ڇڪتاڻ مڪمل جنگ جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت رکن ٿا، خدا نه ڪري ته ڪو ايٽمي ٽڪراءُ ٿئي پر جڏهن به ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته اهو خطرو سدائين موجود رهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.