راولپنڊي(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي فوجي مهم جوابي قدمن کي فوري ۽ شديد طريقي سان منهن ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر آرمي چيف جنرلعاصم منير ٽله فائرنگ رينج جو دورو ڪيو جتي "هيمر اسٽريڪ” نالي جنگي مشق جو مشاهدو ڪيو ويو. هي مشق پاڪ فوج جي منگلا اسٽريڪ ڪور پاران ڪئي وئي، جنهن ۾ ميدان ۾ جنگي تربيت ڏيکاري وئي. آرمي چيف مشق جي موقعي تي آفيسرن ۽ جوانن سان خطاب ڪيو ۽ قوم جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن آفيسرن ۽ سپاهين جي بلند حوصلي ۽ جذبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهو ئي پاڪ فوج جي آپريشنل صلاحيتن جو ثبوت آهي. جنرل عاصم منير واضح طور تي چيو”ڀارت طرفان ڪنهن به فوجي مس ايڊوينچر (غير ذميوار عسڪري ڪارروائي) جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند ملڪ آهي، پر قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان مڪمل تياري ۽ پڪو عزم رکنداسين. ٻئي طرف سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارت طرفان پهلگام واقعي کان پوءِ ڏنل ڌمڪين جي روشنيءَ ۾ پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحاڻي قدم جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. ذريعن موجب، پاڪ فوج جون جنگي مشقون تيزيءَ سان ۽ مڪمل زور شور سان جاري آهن، جن ۾ جديد هٿيارن جي عملي نمائش ڪئي پئي وڃي. هي مشقون جنگي حڪمت عملي تحت ڪرايون پيون وڃن ته جيئن ڪنهن به حملي جي صورت ۾ مؤثر ڪارروائي ڪئي وڃي. انهن مشقن دوران آفيسر ۽ جوان پنهنجي پيشه ورانه صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مشقن جو مقصد واضح آهي: دشمن جي هر جارحيت جو سخت ۽ ڀرپور جواب. آرمي چيف پاڪ فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هر قيمت تي ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪندا.