اسلام آباد(م ڊ) پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪين جي تناظر ۾ پاڪ فوج هر قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تياريءَ ۾ آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج جون جنگي مشقون مڪمل زور ۽ جوش سان جاري آهن، جن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به حملي جي صورت ۾ فوري ۽ موثرڪارروائي کي يقيني بڻائڻ آهي، مشقن دوران جديد هٿيارن جو به عملي مظاهرو ڪيو پيو وڃي، جتي اعليٰ آفيسرن سميت جوان به پنهنجي پيشوراڻي صلاحيتن کي نمايان طريقي سان ظاهر ڪري رهيا آهن، انهن مشقن ذريعي نه رڳو فوجي تيارين جو جائزو ورتو پيو وڃي، پر جنگي حڪمت عملي جي تجربي کي به ڀرپور انداز سان آزمايو پيو وڃي، سيڪيورٽي ذريعن موجب هي مشقون خاص طور تي انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ترتيب ڏنيون ويون آهن، جتي دشمن ڪنهن به وقت جارحيت جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو، ۽ پاڪ فوج ان جو في الفور جواب ڏيڻ جي پوري سگهه رکي ٿي.