جنگ جي ميدان بدران اصل ميدان ٽيڪنالاجي ۾ چين سڀ کان اڳڀرو

اسلام آباد (انيق ناجي) خطي ۾ وڌندڙ تڪرار جي باوجود، پاڪ-ڀارت جنگ جو امڪان في الحال نظر نٿو اچي. ڀارتي حڪومت حملن جا فيصلا فوجي قيادت تي ڇڏي ڇڏيا آهن، جيڪا سياسي لاتعلقي جو ثبوت آهي. ان دوران چين ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ آمريڪا ۽ ڀارت کان اڳتي نڪري ويو آهي. پاڪستان جو موقف پرامن ۽ ذميوار آهي، جڏهن ته ڀارت وٽ الزامن جا ڪي جوڳا ثبوت موجود ناهن ۽ انهن تي آمريڪا پڻ خاموش آهي. جنگ جي خدشي جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا تي رڳو شوشا ڇڏيا پيا وڃن. پاڪستان ۽ ڀارت کي دشمني ڇڏي چين جهڙن ملڪن کان سکڻ جي ضرورت آهي.

  1. ڀارتي هوائي فوج جو نائب سربراهه ايس پي ڌارڪر برطرف

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي هوائي فوج جي نائب سربراهه، ايئر مارشل ايس پي ڌارڪر کي عهدو سنڀالڻ بعد رڳو 7 مهينن ۾ برطرف ڪيو ويو. رپورٽن موجب، هو ڪشمير ۾ رافيل جهازن جي جارحاڻين اڏامن جينگراني ڪري رهيو هو، جتي پاڪستاني هوائي فوج رافيل جهازن کي فوري طور تي روڪي ورتو. ان واقعي کان پوءِ سندس پيشوراڻين صلاحيتن تي سوال اٿيا ۽ هن پنهنجي پائليٽس جي رافيل هينڊلنگ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي. سندس برطرفي بعد ايئر مارشل نرمديشور تيواري کي نئون نائب سربراهه مقرر ڪيو ويو. فوجي قيادت ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ تبديليون ڀارتي فوج اندر بيچيني جو سبب بڻجي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.