آمريڪا پاران پاڪ ڀارت کي ذميواراڻي حل ڏانهن وڃڻ جو مشورو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان ۽ ڀارت کي موجوده صورتحال ۾ ذميواراڻي حل ڏانهن وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت ۽ پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستان ڀارت معاملي جي حل لاءِ هڪ ذميواراڻي حل طرف وڌن، ترجمان چيو ته آمريڪا طرفان موجوده صورتحال کي ويجهي کان ڏسي رهي آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان مختلف سطح تي رابطي ۾ آهيون، ترجمان چيو ته پهلگام ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ڀارت سان گڏ بيٺا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.