اسلام آباد(ع آ نيوز) سينيٽر جان محمد بليدي چيو ته دهشتگردي جي جتني مذمت ڪئي وڃي، اوتري گهٽ آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادتن کي سلطان راهي نه بڻجڻ گهرجي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت ۾ ايتري طاقت ناهي جو پاڪستان کي هضم ڪري وڃي، ڀارتي چينل ڏسي حيرت ٿيندي آهي، اسان جي ميڊيا کي پڻ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. سينيٽر جان محمد بليدي سينيٽ اجلاس ۾ پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت کي پنهنجي اندروني معاملا ۽ ڪشميرين جي معاملي کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، ۽ اسان کي پڻ ان تي غور ڪرڻو پوندو ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، ڇا اسان پنهنجن ماڻهن سان انصاف ڪري رهيا آهيون؟ هن چيو ته اهو ڏسڻو پوندو ته بلوچستان جيڪو پاڪستان جو حصو آهي، جتي روزانو احتجاج ٿي رهيو آهي، ان جا ڪهڙا سبب آهن، ۽ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جون نياڻيون ايم پي او تحت ڇو قيد آهن. هن چيو ته 1973 جو آئين موجود آهي، جڏهن وسيلن جي ورڇ درست نه هوندي، صوبن جي خودمختياري کي تسليم نه ڪيو ويندو، ۽ جڏهن صوبن جي معاملن ۾ مداخلت ڪئي ويندي آهي ته پوءِ فاصلا وڌندا آهن.