خيرپور (م ڊ) اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي موجوده حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪئنالن تي ته توهان وڄائي ڇڏيو، جيڏانهن وڃون ٿا اتي رستا بند پيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته رستا بند ڪرڻ سان ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ چاهيو ٿا ته اها توهان جي مرضي آهي، پر احتجاج دوران عورتن ۽ ٻارن جو خيال ضرور رکڻ گهرجي. قائم علي شاهه ياد ڏياريندي چيو ته جڏهن ٿل ڪئنال جي اڏاوت ٿي رهي هئي ته ان وقت به مختلف پارٽين سان گڏجي جدوجهد ڪئي هئي، هڪ جدوجهد ڪامياب ٿي ٻي نه ٿي. پاڻي هوندو ته جيئنداسين، هرڪو چاهيندو ته مان جيئان، ۽ اسان ڪنهن کي مايوس نه ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جا وڏا جلسا ٿيا جن ۾ ماڻهو به عوام مان هئا، ۽ اسان جو موقف شروعات کان وٺي اڄ تائين ساڳيو آهي. هن اهو به ياد ڏياريو ته 1991ع وارو پاڻي ٺاهه به پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ قانوني ڪردار پڻ ادا ڪيو ويو هو، ۽ اڄ به اهو قانوني موقف موجود آهي.