سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌو بچايو تحريڪ جي سڏ تي سڪرنڊ مختلف هنڌن تي لڳل ڌرڻن تي پوليس چڙھاين، وڪيلن ۽ قومي ڪارڪنن تي تشدد خلاف چانڊيا پمپ کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي تعلقي صدر ايوب کوسو، عورت اڳواڻ شمائلا ڪيريو، ذڪيه اختر، رخسانه ڪيريو، علي سومرو ۽ ٻين الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ رستن روڊن تي پر امن مظاهرا ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت انهن ڌرڻن مٿان پوليس ذريعي هلان ڪرائي سخت تشدد ڪري رهي آهي. هنن چيو ته جيستائين ڪئنال رد نٿا ڪيا وڃن،تيستائين ڌرڻا جاري رهندا ۽ پنجاب ڏانهن سمورا رستا بند رهندا. مظاهري ۾ قاسم سومرو، امام علي جمالي سيد غلام مصطفٰى شاه، جمن شاه، وسيم ڪيريو، وارث نوناري سميت سوين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪري سنڌوءَ تي ڌاڙو نا منظور جا نعره هنيا.