پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن پاران ڌرڻن خلاف آپريشن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار

خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) سنڌ صوبي جي اڪثر ضلعن جي پوليس عملدارن تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاجن کي روڪڻ ۽ قومي شاهراهن تي ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مٿين عملدارن جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اعتبار جوڳن ذريعن ٻڌايو ته اڪثر ضلعن جي پوليس عملدارن سپاهي کان ايس ايڇ او جي رينڪ تائين موڪل جون درخواستون پڻ ڏنيون آهن موڪل جي درخواست ڏيندڙ هڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او چيو جڏهن سپاهي کان جمعدار وڏو منشي وغيره  سنڌ جي جياپي لاءِ احتجاج ڪندڙن خلاف ڊيوٽي ڪرڻ کان انڪار ڪري ته مون کي ايس ايڇ او رهڻ ڪو حق ناهي تنهنڪري مان موڪل جي درخواست  لکي آهي ۽ مون سميت ڪيترين ئي پوليس عملدارن موڪل جون درخواستون پڻ ڏنيون آهن ذريعن موجب ٻن ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ هڪ ڊي آءِ جي به انڪار ڪري ڇڏيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.