ملير،ڪنڌڪوٽ،فيض گنج ۽ موري ۾ پوليس ڪاررواين سنڌ کي ويتر ڪاوڙائي ڇڏيو

ملير/فيض گنج/مورو/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: جميل چانڊيو+ظهير خاصخيلي+جاني مورائي+ممتاز سنڌي) ملير بار ايسوسيئيشن پاران سنڌو مٿان ڇھن تڪراري ڪئنالن خلاف ملير جي قومي  شاھراھ لنڪ روڊ تي لڳل احتجاجي ڪئمپ کي آچر جي ڏينھن صبح جو پوليس جي وڏي اٽالن پھچي ڪئمپ پٽي وڪيلن ۽ قومي ڪارڪنن مٿان سخت تشدد ڪيو، اھا خبر سوشل ميڊيا ذريعي وائرل ٿي تھ وڪيل برادري سميت قومي ڪارڪنن،  سول سوسائٽي سميت قومپرست جماعتن سان اڳواڻ ڪئمپ تي پھچي ويا ۽ ڪئمپ لڳائي ٺٽو، ڪراچي ۽ اندرون ملڪ ويندڙ لنڪ روڊ کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو جنھن بعد ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پوليس جي وڏي نفري، رينجرس ۽ واٽر ڪين کڻي پھتو جنھن تي قومي ڪارڪنن ۽ وڪيل مڇرجي پيا، پوليس ڪارڪنن مٿان ھوائي فائرنگ، آنسو گئس جا شيل ۽ واٽر  ڪين جو استعمال ڪيو جنھن تي ڪئمپ ۾ ويٺل ھزارين نوجوانن، وڪيلن، قومي ڪارڪنن ۽ قومپرست جماعت جي اڳواڻن پوليس سان مزاحمت ڪندي ھٿين پئجي ويا جنھن تي پوليس پڻ ھوائي فائرنگ ڪري پوئتي ھٽي ۽ آنسو گئس جا شيل ڪارڪنن مٿان ھنيا، ڪارڪنن پوليس کي پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، ڪارڪنن پوليس جي موبائل کي باھھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ پوليس جا آنسو گئس جا شيل ۽ ھڪڙي پسٽل ڦري ورتي، ڪارڪنن جا ڪئنال خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا، پوليس گردي مردھ آباد، پرتشدد واقعن خلاف رات دير تائين ڪئمپ ۾ ڪارڪنن جي وڏي تعداد وڪيل برادري ۽ گھگھر ڦاٽڪ جي آسپاس جي ڪلمتي، قومپرست بلوچ ۽ قيصراڻي برادري سميت وڏي انگ ماڻھو ڪئمپ تي پھچي ويا، ھوڏانھن اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ھيٺ 150 وڪيلن ۽ قومي ڪارڪنن مٿان دھشتگردي ايڪٽ اي ٽي سي سميت 3 فريادون پڻ داخل ڪيون ويون آھن جڏھن تھ وڪيلن مٿان تشدد خلاف ملير بار جي صدر ارشاد شر  ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان کٿو جواب ڏنو. ڌرڻي کي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھھ اياز لطيف پليجو چيو تھ سنڌ ۾ جيڪا چڻنگ مچي آھي ٽانڊا ۽ مچ واري صورتحال اختيار ڪري وئي آھي، ھڪڙي جاءِ تي ڪارروائي ڪرڻ سان سڄي سنڌ جا ماڻھو نڪري اچن ٿا باھيون تھ سنڌين کي اڳ ۾ ھيون اڳ ئي سڙي ويٺا ھئا اهي باھيون ڪڍڻ لاءِ اڄ نڪتا آھن زمينن تي قبضا ۽ درياءَ تي قبضا آجا ڪرائيندا، ھن چيو تھ زرداري سوچيو تھ ڪجھھ ايم پي اي ۽ ايم اين ايز تي ھٿ گھمائي سنڌي ماڻھن کي راضي ڪري درياءَ جو سودو ڪندس، ھن چيو تھ قوم جي خاطر ڪپڙا ڦاٽا يا ڪجھھ رھڙون آيون تھ اھو سودو مھانگو نھ آھي ڊيرا موڙ ۽ ڪشمور تي جيڪو توھان تشدد ڪيو  تنھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪيو ويندو اياز لطيف پليجو چيو تھ شھباز شريف، مريم نواز ملڪ ۽ صوبن لاءِ اھڙا معاملا پيدا نھ ڪن جو پاڪستان مشڪل ۾ اچي وڃي، ملير بار جو صدر ارشاد شر ٽيم سميت اسٽيل ٽائون پھتو جتي پوليس سندن فرياد وٺڻ لاءِ جواب ڏنو جنھن تي وڪيل اڳواڻ ارشاد شر چيو تھ پوليس جي داداگيري ۽ فائرنگ جو ڪيس نھ وٺڻ پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزي آھي پوليس جي اھڙي ظلم، زيادتي، ڏاڍائي ۽ دھشتگردي خلاف اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين ملير بچايو اتحاد ۽ ڌرتي ڌڻي الائنس جي سيد خدا ڏنو شاھھ چيو تھ ملير ڌرڻي ۾پوليس گردي ثابت ڪري ڇڏيو تھ ھو سنڌ ۾ ھڪ نئين جنگ ڇيڙي سنڌي ماڻھن کي ھيسائڻ چاھين ٿا پر انھن کي ياد رکڻ کپي تھ سنڌ ۾ ھيمون، ھوشو وارا ڪردار ھڪ دفعو وري زندھ آھن ۽ ھو پنھنجي پاڻي تي ڪنھن بھ غاصب، ظالم ۽ پاڻي چور کي برداشت نھ ڪندا، ايس ٽي پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو چيو تھ رياست اڳيان سنڌي ماڻھو ديوار بڻيل آھن ۽ سنڌ جي تڪراري ڇھن ڪئنالن جي خاتمي تائين پرامن جدوجھد جاري رکندا، سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو تھ سنڌي ماڻھن کي پرتشدد ڪارروائي ھيسائي نٿو سگھجي، تڪراري ڇھن ڪئنالن خلاف سنڌ جو ماڻھو ھڪ جھنڊي ھيٺ گڏ آھي ۽ ان کان ڪا بھ قوت درياءَ کسي نٿي سگھي ،  ھوڏانھن ڌرڻي سبب ٺٽو، ڪراچي ۽ پورٽ قاسم ذريعي سامونڊي آمدرفت مڪمل طور تي بند رھي. ملاح فورم سنڌ جي صدر ماجد سڪندر ملاح چيو تھ سنڌ جي ماڻھن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي، ڌرڻي ۾ نيشنل پيپلزپارٽي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت، سماجي اڳواڻ يعقوب خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، فيض گنج  مان ظھير خاصخيلي  جي رپورٽ موجب پڪاچانگ باءِ پاس مھراڻ ھاءِ وي تي مختلف قوم پرست پارٽين پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف لڳل  گذريل 24 ڪلاڪن کان ڌرڻي ۾ ويٺل ڪارڪنن مٿان پوليس اٽالن چڙهائي ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون ، پوليس پاران ڳوڙھا آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪرڻ سان گڏ شديد فائرنگ ڪئي وئي، علائقو ميدان جنگ بڻيل، جڏهن ته ڪوريج ڪندڙ عوامي آواز  فيض گنج جي رپورٽر   ظھير خاصخيلي کان موبائل فون ڦر جڏھن ته ڪاوش فيض گنج جي رپورٽر   سٽي پريس ڪلب فيض گنج جي صدر چانگ وجاھت مٿان پڻ تشدد ڪيو ويو ۽ سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا،جڏھن صحافي امتياز شر ۽ ڪاظم چانگ کان موبائل فونون کسي ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي پاڻ سان کڻي ويو ، ۽ پيرسن ڪامريڊ مرتضي ‘ شر 10 کان مٿي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪري ڇڏيا آھن ، جڏهن ته پوليس فائرنگ ۽ ڌرڻو ڏاڍ ڪندي ختم ڪرائڻ واري اطلاع تي آسپاس جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پهچي ويا آهن ۽ روڊ کي ٻيهر ڌرڻو هڻي بند ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف صحافين پاران پوليس تشدد ۽ موبائيل فونون کسڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڪري، فيض گنج پريس ڪلب، ڀنگو بهڻ پريس ڪلب، ڪرونڊي پريس ڪلب ۽ سٽي پريس ڪلب فيض گنج جي صحافين چانگ وجاهت ، فاروق شر، ارشاد لاشاري، مظفر شر علي حامد  سليم چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي واري هنڌ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ٻئي پاسي  مورو قومي شاھراهه تي قومپرستن وڪيلن پاران  اٺن  ڏينھن کان لڳل ڌرڻي کي ضلعي نوشھرو فيروز ۽ مورو پوليس   نفري وڏي انگ ۾  پھچي ڌرڻي ۾ويٺل ڪارڪنن کي منتشر ڪرڻ ۽گاڏيون  ٽرالر روانا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي  جنهن تي ڌرڻي ۾ ويٺل ڪارڪنن ڀرپور مزاحمت ڪئي پوليس اٽالن  جي پھچڻ  واري خبر  کان پوءِ  وڏي انگ ۾ وڪيل قومپرست جماعتن جا ڪارڪن ۽ شھري  ڌرڻي واري ھنڌ پھچي ويا جتي ڪينالن جي حامين خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي هوڏانهن ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ويٺلن تي آنسو گيس ۽ فائرنگ ڪئي جنهن سبب ڪيمپ تي ويٺل ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ڊسٽرڪٽ  بار جو صدر عبدالغني بجاراڻي سميت چار ڄڻا بيھوش ٿي ويا پر وڪيلن قوم پرستن پوليس جي تشدد کان بي خوف ٿي روڊ خالي نه ڪيو ڌرڻو جاري رکيو اھڙي خبر ملڻ بعد ھزارين ماڻھن وڪيل عبدالغني بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ظريت ساگر بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، شعبان جکراڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، والي ڏنو سنڌي، فدا حسين محمداڻي، شاھنواز مرهيٽو، گھايل سنڌي،ڪامريڊ عباس،وڪيل عبدالصمد بجاراڻي، وڪيل محمد نواز بنگوار،وڪيل منور علي ڀٽو، وڪيل شعيب سھرياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو اظھار ھمدردي لاءِ سردار حيدر علي خان جکراڻي، لاڙڪاڻي بار جو صدر اطھر عباس سولنگي، سينئر قربان علي ملاڻو به ڌرڻي تي پھتا جڏهن ته  وڪيل برادري ۽ ڌرڻي ۾ ويٺلن جي تحفظ لاءِ قوم پرست ڪارڪنن ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي ڌرڻي تي پھچي احتجاج پڻ ڪيو جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ پوليس جون تياريون جاري آهن،جيڪب آباد ۽ شڪارپور مان پوليس اٽالا پهتا آهن،

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪراچي ملير،ڪنڌڪوٽ،فيض گنج ۾ ڌرڻن مٿان پوليس ڪارروائي، فائرنگ، گرفتارين، تشدد خلاف  سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي،خبر موجب نوشهرو فيروز  نيشنل هاءِ وي تي وڪيلن قومپرستن ۽ شهرين ڌرڻو هڻي ٽرئفڪ معطل ڪري ڇڏي،مانجهند تعلقي جي مختلف شهرن ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي وڪيلن ۽ ڪارڪنن تي تشدد خلاف قومپرست ڪارڪنن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻا هنيا جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي سن ۾ ايس يو پي ڪارڪنن انور مڱڻهار عنايت الله شاهاڻي جسم ڪارڪن عطا شاهاڻي جسقم جي تراب علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ سڪرنڊ کان ڄامشورو طرف ويندڙ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئنالن جي واپسي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جون زمينن جو آرڊر ڪينسل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو خاڻوٺ ۾ ايس يو پي ڪارڪن قمر الزمان ڪوريجو زبير ونڊيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روڊ بلاڪ ڪيو ويو مانجهند ۾ قومپرست ڪارڪنن سجاد پير مجاهد کوسو جي اڳواڻي ۾ روڊ تي ڌرڻو هنيو احتجاجن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي،هوڏانهن  مٽياري بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي صاحب سمان چوڪ وٽان قومي شاهراهه بند ڪيو ويو ڌرڻي ۾ وڪيلن قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن سان گڏ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مٽياري بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ يوسف ڪلهوڙو، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ،اخلاص قاضي، انور لاشاري جسقم اڳواڻ سجيل سالاريو، ذوالفقار ڏيٿو،آريسر گروپ جي علي حيدر ترڪ، شهري شيراز خاصخيلي، عزير ميمڻ، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس طرفان ڪنڌڪوٽ ۽ ملير ۾ وڪيلن جي پرامن ڌرڻن تي ڪاهون ڪري اسان جي نوجوانن کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ڪيترن ئي نوجوان وڪيلن مٿان بري طرح تشدد ڪري کين رتو رت ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسين رياست پاڪستان جي رکوالن کي اپيل ٿا ڪريون ته پاڪستان مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي اڳ ئي ٻه صوبا ناراض آهن مٿان وري اوهان سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي هٿ وٺي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي،ڪوٽڙي ۾ ڪئنالن خلاف سياسي سماجي ڌريون توڙي عام شهري روڊن تي نڪري آيا ايم نائن موٽروي بند گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون اڀ ڏاريندڙ نعرا ڄامشورو ايم نائن موٽروي تي ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي امجد مستوئي ايس يو پي اڳواڻ خالد لاشاري وڪيل اڳواڻ نثار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي سبب روڊ مڪمل بند گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون اڳواڻن چيو ڪراچي ۾ وڪيلن مٿان بيرحماڻي تشدد جو حساب پوليس کي ڏيڻو پوندو ،ٻئي پاسي سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شھد وٽ سنڌ جي سوين ارڏن پٽن جو پنجين ڏينھن به ڌرڻو جاري پنجاب ويندڙ قومي شاھراه بند پيل آهي، ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ٿاڻن جي ھٿياربند ۽ آنسو گيس سان ليس ٿيل پوليس جي وڏي نفري ڌرڻي واري ھنڌ پھچي  وئي، ان موقعي تي   سنڌ بار ڪائونسل جي  ميمبر ذوالفقار جلباڻي ايس ٽي پي وائيس چئيرمين ايڊوڪيٽ عبدلفتاح سميجو اوٻاوڙو بار جي صدر قادر بخش ڀٽي عبدالفتاح سمون سيد فھد حسين شاھ راشد علي سنڌو ۽ ٻين اڳواڻ چيو ته سنڌو کي بچائڻ خاطر پنھنجي مٿي تي  ڪفن ٻڌي نڪتا آھيون  پوليس ڌرڻي واري ڪيمپ تي ڀلي ڪاروائي ڪري اسان انھن جي آنسو گيسن ۽ گولين کان ڊڄڻ وارا نه آھيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.