ٻٻرلو ڌرڻي ۾ ام رباب،صنم ماروي،چولستان جا اڳواڻ به پهتا

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي ٻٻرلوء باء پاس موڙ وٽ وڪيلن پاران ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن خلاف لڳل ڌرڻو ڏھين ڏينھن به نٽھڻ اس ۾ جاري ڌرڻي ۾ سموري سنڌ سميت چولستان کان به شھري پھچي ويا جڏھن ته جاگيرداري نظام خلاف جدوجهد ڪندڙ بهادر  سنڌي نياڻي ام رباب چانڊيو ۽ مشھور صوفي فنڪار صنم ماروي به پھچي وئي ڌرڻي ۾ چولستان جي سرائڪي وسيب جانشين دربار فريد ڪوٽ مٺڻ جو جانشين پڻ چولستان جي شھرين نمائندگي ڪندي پھتو جنھن چيو ته اسان به سنڌين سان گڏ آھيون وفاق پاران ڪئنال ڪڍي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا جوڙڻ اھو اسان سان به ڏاڍ آھي ھن چيو ته مان سنڌين جي جدوجھد کي سلام پيش ٿو ڪيان ھوڏانھن ملڪ جي مشھور صوفي راڳي صنم ماروي سنڌ جا گيت ڳائي نوجوانن جا جذبا اڃا بلند ڪري ڇڏيا جڏھن ته سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو پڻ ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ھڪ ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري پھتي جنھن پڻ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا ٻار ٻچا ھن سنڌ مٿان قربان آھن ۽ اسان عامر نواز وڙائچ کي کي سلام پيش ڪيون ٿا جو ھن ڏکي وقت ۾ سنڌي قوم سان گڏ بيٺو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.