واهگا بارڊر بند ٿيڻ سبب ڀارت کي وڌيڪ نقصان ٿيندو؟

اسلام آباد/نئين دهلي (بي بي سي) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ واپاري لاڳاپا گهٽ هئا جنهن سبب گهٽ شين جو واپار ٿيندو هو. پاڪستان ۾ پرڏيهي شعبي جي سرڪاري اداري ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي اڳوڻي چيف ايگزيڪٽو زبير موتي والا موجب، واپاري لاڳاپا خاص نه هئا، ڀارت ڪجهه خاص نه ويندو هو ان ڪري واپاري لاڳاپن جي خاتمي سان پاڪستان جي پرڏيهي واپار جي شعبي ۾ برآمد جو ڪنهن نقصان جو انديشو ناهي. ڀارت مان پاڪستان دوائن لاءِ ڪچو مال ايندو هو جيڪو ڀارت سڄي دنيا ۾ موڪلي ٿو، پاڪستاني ڪمپنيون ڀارت کان درآمد ڪري رهيون هيون، هاڻي اهو مال ٻئي ملڪ مان گهرائڻو پوندو جيڪو مهانگو پوندو جنهن سبب دوائن جا اگهه وڌي سگهن ٿا. اهڙي ريت پڪستان ڪپهه ڀارت مان درآمد ڪندو هو جنهن جو مقدار گهٽ آهي جڏهن ته ڀارت کي وڏو خسارو افغانستان جي مارڪيٽ ۾ ٿيندو ڇو ته افغانستان جي مارڪيٽ ۾ ڀارتي مال پاڪستان ذريعي وڃي رهيو هو جيڪو هاڻي بيهي ويندو، ڀارت کي اهو مال سمنڊ رستي ايران کان موڪلڻو پوندو جنهن تي لاڳت وڌيڪ ايندي. ڀارتي مسافر جهازن جي پاڪستان جي ايئر اسپيس جي بندش سبب ايئر لائنز کي به نقصان ڀوڳڻو پوندو. سنڌ يونيورسٽي آف يورالاجي جي ڊاڪٽر عبدال موجب پاڪستان مان مريض ڀارت علاج لاءِ ويندا هئا ان جو نقصان ڀارت کي ئي ٿيندو. ڀارت جي ورلڊ ايم ايس ايم اي فورم جي صدر بديش جندال لڌيانا چيو ته ڀارت جيڪي خشڪ ميوا افغانستان مان درآمد ڪندو هو اهي اٽاري چيڪ پوسٽ ذريعي نٿا اچي سگهن ان لاءِ اسان کي وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻي پوندي. سي آءِ اي امرتسر زون جي اڳوڻي صدر راجديپ اپل چيو ته اسان کي افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان سامونڊي رستن جو واپار وڌائڻ گهرجي.

  • عامر وڙائچ پاران ڌرڻن تي پوليس حملن جي مذمت

خيرپور (س ر) ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ گلشن حديد ملير ۽ ڪنڌ ڪوٽ سميت سنڌ جي ٻين هنڌن تي جاري پرامن ڌرڻن تي پوليس جي حملي ۽ بدسلوڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي عامر نواز وڙائچ پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پرامن احتجاج ڪندڙ وڪيلن ۽ شهرين تي پوليس جو تشدد سراسر غير قانوني ۽ غير جمهوري عمل آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي اسان جو احتجاج مڪمل طور تي پرامن آهي اسان کي تنگ ڪرڻ يا روڪڻ جي ڪابه اجازت نٿي ملي سگهي. هن چيو ته  اسان جي پرامن تحريڪ جاري رهندي ۽ هر ممڪن سطح تي پنهنجا حق حاصل ڪنداسين

  • ماهه رنگ جي حق ۾ پوسٽ تي وڪيل جليلا حيدر خلاف سائبر ڪرائم ڪيس داخل

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) سوشل ميڊيا تي ماه رنگ بلوچ جي حمايت ڪرڻ تي اسلام آباد ۾ عورت وڪيل جليلا حيدر ايڊووڪيٽ خلاف سائبر ڪرائم جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ ماه رنگ بلوچ کي بندش پيل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) سان وابسته ڄاڻائي بلوچستان جي گهرو کاتي  چوٿين شيڊول ۾ نالو شامل ڪيو آهي.ايف آءِ آر جي متن موجب جاچ دوران معلوم ٿيو ته جليلا حيدر ايڊووڪيٽ ڄاڻي واڻي ماه رنگ بلوچ جي حمايت ۾ مواد شيئر ڪيو۔ جليلا حيدر جو هي قدم عوامي ۽ سماجي سطح تي بيچيني ۽ بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش آهي. جليلا  حيدر خلاف پيڪا ايڪٽ 2016 جي سيڪشن 9، 10 ۽ 26-A تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هي ڪيس حڪومت طرفان سائبر ڪرائم جي سفير انيس الرحمان جي فرياد تي داخل ڪيو ويو.

  • وزيراعظم جي اعلان کان ٽن هفتن بعد به بجلي 7.41 رپيا سستي نه ٿي

ڪراچي(ع آ نيوز)  وزيراعظم جي اعلان کان ساڍن ٽن هفتن بعد به بجلي 7.41 رپيا في يونٽ سستي نه ٿي سگهي آهي.هن وقت تائين بجلي ۾ صرف 4.97 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ميڊيا ذريعن موجب وزيراعظم جي اعلان کان 3 هفتن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود، بجلي 7.41 رپيا في يونٽ سستي ڪرڻ جو واعدو اڃا تائين پور نه ٿي سگهيو آهي. هي  گهٽتائي ماهوار ۽ ٽماهي  فيول ايڊجسٽمنٽ ۽ پيٽروليم ليَوي جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. ماهوار ايڊجسٽمنٽ ۾ بجلي جي قيمت ۾ 1.36 رپيا في يونٽ گهٽايو ويو، جڏهن ته مالي سال جي ٻي ٽماهي ايڊجسٽمنٽ ۾ بجلي 1.90 رپيا في يونٽ سستي ڪئي وئي. ان کان سواءِ پيٽروليم ليَوي جي مد ۾ بجلي جي قيمت 1.71 رپيا في يونٽ گهٽائي وئي آهي.

  • پاڪستان ۾ 54 دهشت گرد مارجڻ جي ٽي ٽي پي پاران به تصديق

اسلام آباد (اسدطور) وفاقي گهرو وزير  محسن نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان جي حسن خيل وٽ افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ   54 دهشتگردن کي  ماريو ويوآهي.آئي ايس پي آر جي ميڊيا کي جاري ڪيل   بيان ۾ به اهو تعداد ڏيکاريو ويوآهي افغانستان ۾ موجود انهن دهشتگردن جي  تنظيم جنهن کي آءِ ايم پي پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويوآهي  جنهن ۾ هنن اعتراف ڪيوآهي ته سندن وڏي تعداد ۾ عسڪريت پسند هڪ آپريشن ۾ مارجي ويا آهن. انهن ويڙهاڪ گروپن جا ٽيلي گرام سميت ٻين سوشل ميڊيا تي گروپ آهن جتي هو اهڙي قسم جي معلومات رکندا آهن.انهن گروپ مان صحافي به خبرون کڻندا آهن، هڪ صحافي احسان ٽيپو مسعود مطابق انهن دهشت گردن جي گروپن ۾ جيڪي وڊيوز ۽ تفصيل شيئر ٿين پيا تن مان تصديق ٿئي ٿي  ته انهن جو وڏو جاني نقصان ٿيوآهي. اهو ٽي ٽي پي جو سڀ کان وڏو نقصان هڪ ڏينهن اندر ٿيو آهي. سڪيورٽي ادارن وٽ انٽيلجنس رپورٽ هئي ته دهشتگرد اتان داخل ٿيندا ان جڳهه کي ڄاڻ واڻي خالي ڇڏيو ويو.ڊرون وسيلي انهن جي نگراني ٿي رهي هئي.هنن کي پاڪستان اندر اچڻ ڏنو ويو بعد ۾ انهن جو گهيروِ ڪيو ويو  ۽ ڊرون وسيلي انهن تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ هيٺان ڪمانڊوز ڪارروائي ڪئي .

  • پاڪ، ڀارت ڇڪتاڻ ۾ تيزي، ڪنٽرول لائن تي فائرنگ

مظفرآباد/سرينگر (م ڊ) هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ پهلگام ۾ ٿيل حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ جو ڏي وٺ جاري آهي. ڀارت  جي سرڪاري خابرو ايجنسي، پريس ٽرسٽ آف انڊيا موجب، هندستاني فوج جو چوڻ آهي ته 26 ۽ 27 اپريل جي رات پاڪستان طرفان رامپور سيڪٽر ۽ تتمري گلي جي علائقن ۾ "بلا اشتعال” فائرنگ ڪئي وئي جنهن جو جواب ڀارتي فوج ڏنو،پر، پاڪستان جي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي يا فائرنگ بابت ڪا سرڪاري وضاحت سامهون ناهي آئي.

  • پاڪ نيوي کي سرگرم ڏسي ڀارتي جهاز سمنڊ مان واپس

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارت ايئر ڪرافٽ ڪيريئر آءِ اين ايس وڪرانت کي عربي سمنڊ ۾  23 اپريل تي مقرر ڪيو هو. پاڪ نيوي جي لاڳيتي پيٽرولنگ سبب ڀارتي ايئر ڪرافٽ کي واپس گهرايو ويو. سيٽلائٽ تصويرن ۾ پڻ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه ڏينهن ۾ جهاز بردار جهاز واپس ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.