پاڪ، افغان سرحد وٽان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 54 خارجي ماريا ويا

راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز پاڪستان-افغانستان سرحد تان داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي 54 خارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 25 ۽ 26 اپريل جي وچولي رات ۽ 26  ۽ 27 اپريل جي رات اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ سڪيورٽي فورسز خارجين جي وڏي گروهه جي چرپر کي نوٽ ڪيو جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي کين ناڪام بڻايو، آپريشن دوران وڏي انگ ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. ڪارروائي ۾ خارجي سڀ کان وڏي انگ ۾ مارجي ويا، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي رهيو آهي.  آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جو ڌيان دهشتگردي تان هٽائڻ چاهي ٿو، ڀارتي ڪوششون خارجي فتني کي دهشتگردي جا موقعا فراهم ڪرڻ آهن ۽ هو پاڪستاني هٿياربند فوج جي ڪوششن کي چٿڻ چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز هر وقت تيار آهن، پاڪستان مخالف هر ڪوشش ناڪام بڻائي وطن جو دفاع يقيني بڻائينداسين. آءِ ايس پي آر موجب، انٽيليجنس رپورٽون آهن ته خارجي پرڏيهي آقائن جي چرچ تي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ لاءِ داخل ٿي رهيا هئا، اها ڪوشش اهڙي وقت ۾ سامهون آئي جڏهن ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي،  خارجين جون هي سرگرميون واضح ڪن ٿيون ته هو ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.