واشنگٽن ( م ڊ) پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪامياب ۽ اثرائتي سفارتڪاري ذريعي، پهلگام واقعي جي مذمت واري قرارداد ۾ سخت زبان شامل ڪرڻ جي هندستان جي مذموم ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته هندستان قرارداد ۾ پهلگام لفظ به شامل نه ڪرائي سگهيو، پهلگام واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ جاري ڪيل هڪ بيان ۾، سلامتي ڪائونسل ٻيهر ورجايو ته دهشتگردي پنهنجي سڀني شڪلن ۾ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان سنگين خطرن مان هڪ آهي، جمعي تي سلامتي ڪائونسل پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ميمبر ملڪن متاثرين جي خاندانن سان گڏ هندستان ۽ نيپال سان تعزيت جو اظهار ڪيو.بيان ۾ واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پهلگام جي بدران جمون ۽ ڪشمير جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، گڏيل قومن جي ترجمان چيو ته علائقي جي صورتحال تي گهري ڳڻتي سان نظر رکي رهي آهي.