پنو عاقل (م ڊ) پني عاقل جي ڪچي واسين پاران روڊ تي بيهڻ ۽ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. هٿيار کڻي بيٺل ڪچي جا رهواسي ڪئنالن خلاف نعرا هڻندي چتاءُ ڏين ٿا ته هو روڊن تي آهن ۽ جيڪڏهن ڪئنالن جو منصوبو جلد ختم نه ڪيو ويو ته هو سکر کان ڪشمور تائين سي پيڪ جا رستا بند ڪري ڇڏيندا.