حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاجي ڌرڻن تي پوليس جي چڙهائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پرامن احتجاجن تي چڙهائي ڪري آمريت جي دور کي ورجايو آهي. سنڌ جي اندر 8 مهينن کان جاري احتجاجي تحريڪ پرامن رهي آهي، ڪنهن به هنڌ ڪو نقصان نه ٿيو آهي نه ڪنهن کي پٿر لڳو آهي نه گاڏي جو ڪو شيشو ٽٽو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاجن کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪمران هوش کان ڪم وٺن، سندن اهڙن هٿڪنڊن سان هلندڙ تحريڪ ماٺي نه ٿيندي. آمريتي قدمن سان سنڌ کي خاموش نٿو ڪري سگهجي.