تاريخ ۾ مزاحمت جي نئين تاريخ لکجي رهي آهي: امر سنڌو

ٻٻرلوءِ (م ڊ) سرگرم سماجي ڪارڪن امر سنڌو چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ مزاحمت جي نئين تاريخ لکجي رهي آهي، جيڪي به مزاحمت جون تحريڪون هلن اهي ٻٻرلوءِ جي تحريڪ کي مثال بڻائين. ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري هنڌ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 40 هزار کان مٿي ٽينڪر ۽ ٽرڪون بيٺل آهن جن کي ڪنهن هٿ به ناهي وڌو، نائين ڏينهن کان گرمي ۾ وڪيلن سان گڏ سموري سنڌ بيٺي آهي. امر سنڌو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هنن اهو چاهيو ته هو ڪريڊٽ سنڌ کي نه ڏين ڇو ته ان سان کين اهو ويساهه ٿي ويندو ته عوامي جدوجهد ۾ ڪيڏي طاقت آهي جو اها حڪمرانن کي جهڪائي سگهي ٿي، ڪريڊٽ ان لاءِ نه ڏنو ويو جو ان مان اهو تاثر وڃي ٿو ته رڳو پرامن تقريرن، احتجاجن ۽ نعرن جي بنياد تي هو حق وٺي سگهن ٿا، اهو پيغام ويو ته هنن جا هٿيار سڀ ناڪارا ٿي ويندا، ڌرڻي، انهن سڀني هٿيارن کي ناڪارا ڪيو آهي، هنن وٽ پرامن جدوجهد جو هٿيار آهي، سنڌ حق وٺڻ کانسواءِ ڪنهن پرائي ڪريڊٽ تي نه ويندي، سنڌ عوام کي جدوجهد ڪو ڪريڊٽ ملڻ گهرجي. نوٽيفڪيشن ته ڇا پر کين اهي منصوبا رد ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.