ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تڪراري ڪئنالن جو مسئلو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ حل ٿي چڪو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي انتھڪ محنت ۽ اثرائتي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ هاڻ اهو مسئلو مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2 مئي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي سرڪاري اجلاس کان پوءِ هي معاملو هميشه لاءِ دفن ٿي ويندو. هن چيو ته سڀني سياسي جماعتن ۽ وڪيلن جي برادري کان اپيل آهي ته رستا کوليا وڃن، رستن کي فوري طور کوليو وڃي ۽ سامان جي ٽرانسپورٽ جي روانگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن کي به وڌيڪ مالي يا معاشي نقصان نه ٿئي. هن چيو ته بندشن جي ڪري عوام، چوپايو مال، امپورٽ، ايڪسپورٽ، آبادگارن ۽ غريب طبقي کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڌرڻا ختم ڪيا وڃن ته اهو بهتر ٿيندو، پر جيڪڏهن ڌرڻا جاري به رکن ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ رستا کوليا وڃن ته جيئن ٽرئفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته احتجاج کي پرامن انداز ۾ رکيو وڃي ته جيئن عوام جي زندگي معمول تي اچي سگهي. اسان وڪيل برادري ۽ سڀني سياسي جماعتن سان رابطي ۾ آهيون. سنڌ حڪومت هر ڌر سان ڳالهين لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سياسي جماعتون ۽ وڪيلن جي برادري شرپسند عنصرن تي نظر رکن. موجوده ملڪي حالتن ۾ اسان سڀني کي گڏجي سمجھداري سان فيصلا ڪرڻا پوندا.