ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ نهرن (ڪينال) وارو مسئلو حل نه ٿيو ته پيپلزپارٽي حڪومت کان ڌار ٿي ويندي. پ پ جو وفد، ناصر حسين شاهه جي قيادت ۾، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادرآباد مرڪز تي پهتو جتي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ امين الحق سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران، پ پ وفد ايم ڪيو ايم کان سينيٽ جي خالي سيٽ تان هٿ کڻڻ جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته حتمي فيصلو مرڪزي ڪميٽي جي مشوري کان پوءِ ڪيو ويندو. ناصر شاهه جو چوڻ هو ته ڪينال واري مسئلي تي سنڌ جون سڀ ڌريون گڏ آهن ۽ ايم ڪيو ايم به پ پ جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي حڪومت ڇڏيندي ته حڪومت نه هلي سگهندي، تنهن ڪري اميد آهي ته وفاق پنهنجو واعدو پورو ڪندو.