ٻٻرلو ڌرڻي ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو،وڪيلن پاران مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان

سکر/خيرپور/اوٻاوڙو(نمائندا)سکر لڳ ٻٻرلوء ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڌرڻو ڏهين  ڏينهن به جاري، ڌرڻي ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت نئين تاريخ لکي ڇڏي، ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل ڪراچي  بار جي صدر عامر وڙائڇ جي فيملي به ڌرڻي ۾ شامل آھي، وڪيلن پاران حڪومت کي ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ واري اعلان ۾ 48 ڪلاڪن جي واڌ پوري ٿيڻ بعد مشاورتي اجلاس ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، ان سلسلي وڪيل اڳواڻ عامر وڙائڇ، قربان ملاڻو، مجيب الرحمان مشوري، آچر خان گبول ۽ ٻين عورت، مرد وڪيلن سميت قوم پرست،سياسي، سماجي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته  وفاقي حڪومت پاران ڪئنالن جي واپسي جي نوٽيفڪيشن بغير ڪنهن به صورت به صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو ڌرڻو ختم  نه ڪندا هنن چيو ته  ملير سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ لڳل ڌرڻن کي سنڌ حڪومت ڏاڍ ذريعي ختم ڪرايو آھي ۽ وڪيلن ۽ عام ماڻھن مٿان سخت تشدد ڪيو آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پوليس کي چتاء ٿا ڏيون ته هو ان جو حساب ڏيندا اسان ٻٻرلو ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ روڊن تي بيٺل پوليس کي خبردار ٿا ڪريون ته جيڪڏهن ڌرڻي تي چڙھائي ڪئي وئي ته ان جا نتيجا سٺا نه هوندا اسان سنڌ حڪومت کي به خبردار ٿا ڪريون ته پوليس ذريعي ڌرڻا ختم نه ڪرائن،هوڏانهن عامر وڙائڇ ،سرفراز ميتلو ۽ ٻين جي مشاورتي ڪميٽي جو اجلاس ٻٻرلوء ۾ سيد جعفر شاھ جي رهائش گاھ تي ٿيڻ بعد وڪيلن اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنڌڪوٽ، ڊيرا موڙ، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي وڪيلن مٿان ٿيل فائرنگ ۽ تشدد جي سخت مذمت ڪندي واقعن جو ڪيس وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، گهرو وزير ضياء لنجار، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ حد جي ايس ايڇ اوز جي خلاف داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، سرفراز ميتلو چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻي جا سڀ فيصلا سڀني وڪيل اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيا ويندا آهن هتي صرف وڪيل ڌرڻي جي اڳواڻي پيا ڪن باقي سڀ ڪجهھ سنڌ جي لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن جي هٿ ۾ آهي جيڪي ڏهن ڏينهن کان هتي سخت گرمي ۾ ويٺل آهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اهو سمجهي ڇڏين ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام سنڌو تي قبضي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي قبول نه ڪندو هن چيو ته  جي يو آئي جي (اڄ) جي جلسي ۾ اسان جو هائي ڪورٽ بار لاڙڪاڻو جو صدر اطهر عباس سولنگي شرڪت ڪندو ھوڏانھن پوليس جا وڏا اٽالا ٻٻرلوء ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ موجود آهن،ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو، رحمان ڪورائي،شفقت رحيم، اطھر عباس سولنگي،سيد جعفر شاھ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته  جيستائين سندن مطالبن بابت سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو تيستائين هو پنهنجي احتجاج کان پوئتي نه هٽندا پوليس جي ظلمن ۽ حملا جي باوجود هو پنهنجن حقن لاءِ ميدان ۾ بيٺل آهن عامر نواز وڙائچ چيو ته وزيراعظم جي واضع هدايتن ۽ حالتون ڏسندي اسان اڳ ۾ ئي پنهنجي ذهني تياري ڪري چڪا هئاسين ملير، ڊيرا موڙ ۽ ٻين هنڌن تي جيڪي حملا ٿيا انهن ۾ جيڪي عملدار ملوث آھن انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي هنن اعلان ڪيو ته اڄ کان منجهند 12 وڳي کان سڄي صوبي  ۾ ڪورٽن جو بائيڪاٽ شروع ڪيو ويندو۽ 2 مئي کان ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو حڪومت يا ته جلد قدم کڻي يا اسان وانگر صبر ڪرڻ لاءِ تيار رهي ڇو ته حڪومت جي نااهلي سبب عوام 47 درجا گرمي ۾ رستن تي بيٺو آهي هنن چيو ته  سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ هوم منسٽر ايس ايس پي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت سمورن ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو به آهي. ھنن چيو ته اسين فوج ۽ رينجرز کي به چئون ٿا ته احتجاجي معاملي ۾ مداخلت نه ڪن ڇو ته جيڪڏهن مداخلت ڪئي ته عوام جي نظرن ۾ انهن جي عزت گهٽجي ويندي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان واسطو ناهي اسان جي احتجاج ۾ هر پارٽي جي ماڻهن شرڪت ڪئي آهي اسان پهرين ڏينهن کان چئي چڪا آهيون ته اسان کي نوٽيفڪيشن کپي. سي سي آءِ جا 6/7 ميمبر جلد اجلاس گهرائين، ڪو به لالي پاپ نه کپي اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون جيڪڏهن حڪومت جا فيصلا عوام لاءِ تڪليف جو باعث بڻجن ٿا ته اهي فيصلا واپس ورتا وڃن هنن چيو ته  حڪومت کي نيٽ ورڪ بند ڪرڻ جهڙا قدم نه کڻڻ گهرجن جيڪڏهن گرفتاريون ٿين ٿيون ته به اسان تيار آهيون ڇو ته هي عوامي تحريڪ آهي ۽ اسان ايترا ڪمزور نه آهيون،هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف  سي ايم هائوس اڳيان به احتجاج ڪنداسين، وڪيل  اڳواڻن سنڌ بار ڪائونسل  پاران صوبائي گھرو وزير ضيا حسن لنجار جي وڪالت جو لائسنس رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.