ڌرڻن تي تشدد مذمت جوڳو آهي،حڪمران هوش کان ڪم وٺن:اياز پليجو

ملير (ڊر) قومي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو  چيو آھي ته پاڻي جي جدوجهد جي آڙ ۾ جيڪڏهن اقتدار جي تبديلي نئين سياسي صف بندي ڪري ھڪڙن وڏيرن کي لاهي ٻين وڏيرن کي اقتدار ۾ ويھاريو ويو ته انهن خلاف ٿيندڙ ويڙھ جي پھرين صفن ۾ اياز لطيف پليجو هوندو هن چيو ته سنڌ جي سرسبز زمين کي  ڀڙڀانگ بڻائي پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ هرگز قبول ناهي،پپري ۾ سڏايل ڪامريڊ لياقت جهتيال جي ياد ۾ جلسي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف پپري جي قبرستان کان فٽبال گرائونڊ  تائين رٿيل ريلي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ گذريل 8مھينن کان سراپا احتجاج ۽ 15ڏينهن کان مڪمل بندآھي سنڌ هن وقت گهر ڪري ٿي ته چولستان سميت سمورا تڪراري ڪئنالن رد ڪري سنڌو دريا کي بحال ڪيو وڃي هن چيو ته سنڌ ۾ لاڳيتي حڪومت ڪندڙ پيپلز پارٽي ان جا حڪمران ۽ عهديدار سنڌ سان سچا ناهن سنڌي ماڻهن پيٽ تي پٿر ٻڌي هنن کي ڪامياب ڪري ڪرسي تي ويهاريو پر هنن  سنڌ سان انصاف نه ڪيو هن چيو ته سنڌ کي هن وقت ڪامريڊ لياقت جهتيال جهڙن بهادر بي ڊپي خوف ۽ لالچ کان پاڪ ڪارڪن ۽ اڳواڻن جي ضرورت آھي هن چيو ته سنڌ ۾ هلندڙ ڌرڻن تي پوليس جو ڪاھون تشدد مذمت جوڳو عمل آھي حڪمران سنڌي ماڻهن تي ايترو تشدد ڪن جيترو پاڻ برداشت ڪري سگهن ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو نائب صدر فرحان لاڙڪ اشفاق چنڙ منان شيخ سنڌياڻي تحريڪ جي ناهد جوڳي سنڌ انڊيجنئيس رائٽس لائنس جي سيد خداڏنو شاھ آصف جهتيال ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.