اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري تڪرار کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت قومي سلامتي بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ اعليٰ سطح تي مشاورت ڪئي پئي وڃي. نيشنل سڪيورٽي ايڊوائزر جو عهدو آگسٽ 2022 کان خالي پيل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پهلگام واقعو پري پلان ڊرامو آهي، ڀارت ماضي ۾ به اهڙا مختلف ڊراما ڪري چڪو آهي، سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جهڙا فيصلا جنگي حالتن ۾ به ناهن ڪيا ويا. وزيراعظم ن ليگ قائد نواز شريف سان جاتي امرا رائيونڊ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، مريم نواز پڻ موجود هئي. وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي نواز شريف کي بريفنگ ڏني، شهباز شريف چيو ته ڀارت اڳرائي ڪئي ته سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين. نواز شريف چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، دهشتگردي جي مذمت ڪريون ٿا.