سکر/ خيرپور (نمائندا+پ ر) ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلو ۾ ڏهين ڏينهن به ڌرڻو جوش ۽ جذبي سان جاري آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، سنڌياڻي تحريڪ سکر ضلعي جي صدر شمشاد ٻپڙ، شمع ڀٽي، روبينا ڀٽي جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود آهن. سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ٻٻرلوء شهر جي مين چوڪ کان هائي وي تائين ريلي ڪري وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي وئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس تشدد ۽ گوليون هلائڻ مان ظاهر آهي ته پيپلز پارٽي سنڌي قوم جي پرامن جمهوري جدوجهد کي پرتشدد بڻائي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. هن چيو ته طاقت جي ذريعي پر امن ڌرڻي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪرندا. هن چيو ته هي ڌرڻو هاڻي رڳو وڪيلن جو ناهي پر سنڌ جي سمورن ماڻهن جو آهي.